ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي شادمان ٽائون ۾ هڪ پوليس آفيسر پنهنجي زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ فرار ٿي ويو، پوليس موجب جڏهن عورت گهر کان ٻاهر نڪتي ته جوابدار تبسم شيخ پڻ ساڳي هنڌ پهتو، سخت جملن جي ڏي وٺ کان پوءِ جوابدار فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب عورت زخمي ٿي وئي. زخمي حالت ۾ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر رستي ۾ ئي هوءَ فوت ٿي وئي، ريسڪيو ۽ پوليس جي بيان موجب فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ نازيا طور ڪئي وئي، شرواعتي رپورٽ موجب پوليس ٻڌايو هو ته مڙس شڪ جي بنياد تي فائرنگ ڪري زال کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، پر بعد ۾ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ٻڌايو ته قاتل پوليس آفيسر آهي، جاودبار تبسم شيخ ايس آءِ يو ۾سب انسپيڪٽر آهي ۽ مقتول عورت سندس ٻي زال هئي، پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جوادبار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.