ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ڀر سان محمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد عارف جکراڻي ۾ ڪارنھن الزام هيٺ جوابدار هٿان ڀيڻ ۽ نوجوان قتل، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته محمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد عارف جکراڻي ۾ جوابدار ڀاءُ صدام جکراڻي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀيڻ اقبال بيبي ۽ نوجوان ظفر جکراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو جتان ٻنهي مقتولن جي لاشن ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ هو ته ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار ٻٽو قتل ڪيو آھي اسان جي پُهچڻ کان اڳ ئي جوابدار فرار ٿي ويو جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.