ايران ۾ پرتشدد مظاهرا، حڪومت احتجاج کي اسرائيلي منصوبو قرار ڏئي ڇڏيو

تهران (م ڊ) ايران ۾ مهانگائي ۽ معاشي بحران خلاف عوامي احتجاج جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، مڇريل ماڻه پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ ٽائر ساڙي روڊ بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون. ايران ۾ 28 ڊسمبر کان جاري مظاهرن دوران سڪيورٽي اهلڪارن سميت هن وقت تائين 47  ڄڻا مارجي چڪا آهن. ڪجهه هنڌن تي احتجاج پرتشدد شڪل اختيار ڪري ويو، هٿيارن سان ليس شرپسندن طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو ۽ سڌي ريت فائرنگ جا واقعا به رپورٽ ٿيا. تهران، تبريز، اصفهان، مشهد ۽ ڪرمان سميت 31 صوبن ۾ مظاهرا پکڙجي ويا، بازارن ۾ واپاري هڙتال تي هليا ويا، دڪاندار ۽ عام شهري وڏي انگ ۾ احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ ٿي ويا. ڪيترن ئي اهم شهرن ۾ ٽائر ساڙي روڊ بند ڪيا ويا، جنهن سبب زندگي جو ڪاروهنوار متاثر ٿي  ويو. احتجاج کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ۾ پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز جي واڌو نفري مقرر ڪئي وئي. ملڪ گير احتجاج 13هين ڏينهن به جاري رهيو جڏهن ته ايران ۾ نٽرنيٽ سروس مڪمل طور تي بند ڪئي وئي آهي. عالمي ويب سائيٽ موجب، هن وقت تائين واضه ناهي ته انٽرنيٽ معطلي جو اصل سبب ڇا آهي. ٻئي پاسي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي ملڪ ۾ جاري حڪومت مخلاف مظاهرن تي خبردار ڪيو آهي ته ايران پرڏيهي طاقتن لاءِ ڪم ڪندڙ عنصرن کي برداشت نه ڪندو. هن جمعي ڏينهن قوم کي ٽي وي خطاب ۾ چيو ته مظاهرين سرڪاري عمارتن کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏڦيڙ پکيڙيو پيو وڃي. هن خبردار ڪيو ته تهران پرڏيهي طاقتن لاءِ سرگرم سهولتڪارن کي برداشت نه ڪندو. ايران لکين معزز شهرين جي قبرناني سان قائم ڪيو ۽  هي نظام شرپسندن سامهون پوئتي نه هٽندو.

گرين لينڊ تي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڏار، مون کي ڪو قانون روڪي نه ٿو سگهي:ڊونلڊ ٽرمپ

نيو يارڪ/ برلن (م ڊ/ع آ نيوز) ڊين مارڪ جي خودمختيار علائقي گرين لينڊ تي آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. ڊينمارڪ جي بچاءُ واري وزير خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن گرين لينڊ تي حملو ٿيو ته اهي پهريان گولي هلائيندا، سوال بعد ۾ پڇندا. جرمني ۽ فرانس به تنقيد ڪئي آهي. نيو يارڪ پوسٽ جي مطابق، ڊينمارڪ جي دفاع واري وزير خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن گرين لينڊ تي ڪنهن به قسم جو حملو ٿيو ته ڊينمارڪ فوج حڪمن جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ فوري طور تي فائرنگ ڪندي. هي بيان هڪ اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن آمريڪا گرين لينڊ جي مسئلي تي سخت بيان ڏئي رهيو آهي ۽ ممڪن فوجي ڪارروائي جو اشارو ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته گرين لينڊ ڊينمارڪ اندر هڪ خودمختيار علائقو آهي ۽ ان جي دفاع تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. دفاع واري وزير آمريڪا کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو حملو ٿيو ته جواب فوري ۽ سخت هوندو.ڊينمارڪ جي دفاع واري وزارت جي مطابق، فوج کي سرد ​​جنگ جي دور ۾ ڏنل هڪ پراڻي حڪم جي تحت ذميواري سونپي وئي آهي ته ڪنهن به پرڏيهي طاقت کان ڊينمارڪ جي علائقي کي خطري جي صورت ۾ فوري طور تي جنگ شروع ڪري. 1952 جي هن حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن دشمن حملو ڪيو ته فوجي قوتون قيادت جي حڪمن يا جنگ جي رسمي اعلان جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ ڪارروائي ڪنديون. جرمن صدر فرينڪ والٽر اسٽين چيو آهي ته اسان کي گڏجي دنيا کي ڦورن جي ٺڪاڻن ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻو پوندو. برلن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جرمن صدر آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي. هن خبردار ڪيو ته عالمي قانونن ۽ اتحاد کي نظرانداز ڪيو ويو ته دنيا هڪ اهڙي جاءِ بڻجي ويندي، جتي طاقتور ملڪ ڪمزور رياستن کي پنهنجي مرضي جي تابع ڪندا. سندس چوڻ هو ته آمريڪي پاليسيون عالمي نظام کي تباهه ڪري رهيون آهن، دنيا کي ڦورن جي ٺڪاڻي ۾ تبديل ٿيڻ کان بچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تازي بيان ۾ چيو هو ته مون وٽ ڪنهن به ملڪ تي آمريڪي فوجي ڪارروائي جو حڪم ڏيڻ جو مڪمل اختيار آهي. فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته آمريڪا هوريان هوريان پنهنجي اتحادين کان پري ٿيندو پيو وڃي. مختلف ملڪن ۾ مقرر پنهنجي سفيرن کي خطاب ڪندي ايمانوئل ميڪرون چيو ته اسان اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا، جتي وڏيون طاقتون دنيا ورهائي رهيون آهن، آمريڪا ڳڻتيءَ کان آجو ٿي عالمي قانون ٽوڙي رهيو آهي. هن چيو مان نٿو سمجهان ته گرين لينڊ جي معاملي ۾ آمريڪا ڊنمارڪ جي قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مان سڄي دنيا جي ملڪن تي آمريڪي فوجي حملي يا جارحيت جو حڪم ڏيڻ جو مڪمل اختيار رکان ٿو. هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان پنهنجي اختيارن جي حد جو فيصلو ڪندڙ مان پاڻ ئي آهيان، جيڪا واحد شئي مون کي روڪي سگهي ٿي اها منهنجي پنهنجي اخلاقيات ۽ منهنجو پنهنجو دماغ آهي. هن چيو ته ڪو به عالمي يا ملڪي قانون مون کي روڪي نه ٿو سگهي. ان موقعي تي هن هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين وينزويلا جا معاملا هلائڻ ۽ تيل تي قبضو رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.

آمريڪا گڏيل قومن جا فنڊ روڪي ڇڏيا، انتونيو گوتريس جي تنبيهه

نيو يارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته آمريڪا گڏيل قومن جون رهتون ادا ڪرڻ جو پابند آهي. ٽرمپ انتظاميا طرفان گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ذيلي ادارن جي فنڊن جي بندش کانپوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آمريڪي حڪومت  جو ان جي مالي ذميوارين ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. انتونيو گوتريس ٽرمپ انتظاميا کي تنبيهه ڪئي آهي ته آمريڪا گڏيل قومن جون رهتون ادا ڪرڻ جو پابند آهي.واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ذيلي ادارن کي فنڊنگ فراهم ڪرڻ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.