ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي صدر ۾ غيرقانوني پارڪنگ ۽ حددخلين خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم ڀنگوار پاران سخت آپريشن ڪيو ويو،280 دڪانن ۽ هوٽلن کي سيل ڪيو ويو،غيرقانوني پارڪنگ مافيا خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن،اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم ڀنگوار چيو ته غيرقانوني پارڪنگ ختم ڪري ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف 10 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،تمام غيرقانوني پارڪنگ مافيا جي ماڻهن کي لاڪپ ڪري جيل موڪليو ويو آهي،ڪارروايون ريگل چوڪ،ايمپريس مارڪيٽ ۽ آسپاس جي مارڪيٽن ۾ ڪيون ويون آهن،صدر ٽائون ۾ غيرقانوني پارڪنگ مافيا شهرين کان 100 کان 200 رپين تائين اوڳاڙي ڪري رهي هئي،