عوام جيڪو به فيصلو ڪري، پي ٽي آءِ ڪڏهن اقتدار ۾ نه ايندي؟

اسلام آباد (منيب فاروق)ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جتي طاقتور حلقن طرفان اهو واضح پيغام سامهون اچي رهيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عمران خان، عوام جي ووٽ باوجود ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ نه ڏنا ويندا. سياسي تجزيو نگارن موجب هي سوچ رڳو سياسي اختلاف نه، پر رياست ۽ جمهوريت جي وچ ۾ بنيادي ٽڪراءَ جي عڪاسي ڪري ٿي.تازو ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان کان پوءِ سياسي حلقن ۾ وڏي بحث ڇڙيل آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ خيبرپختونخواهه جي پي ٽي آءِ حڪومت کي عملي طور “بزدل” قرار ڏنو ۽ اهو تاثر ڏنو ته صوبي جي حڪومت دهشتگردي خلاف واضح ۽ مضبوط موقف اختيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون عوامي نيشنل پارٽي (اين پي) ڏنيون. اڳوڻي صوبائي وزير بشير بلور، ميا افتخار حسين جو نوجوان پٽ سميت اين پي جا ڪيترائي اڳواڻ دهشتگرد حملن ۾ شهيد ٿيا. ان جي ابتڙ، پي ٽي آءِ جي قيادت بابت سوال اٿاريا پيا وڃن ته دهشتگرد ڪڏهن به انهن جي وڏن اڳواڻن کي نشانو ڇو نه بڻايو؟ خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه سياسي حلقا فوجي آپريشنن کي “بدمعاشي” قرار ڏئي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته مسئلن جو حل صرف ڳالهين ۾ آهي. پر دفاعي تجزيو نگارن جو چوڻ آهي ته آپريشن ضربِ عضب ۽ ردالفساد جهڙن قدمن سان دهشتگردي کي وڏي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين فوجي آفيسر، جوان ۽ عام شهري شهيد ٿيا.طاقتور حلقن جو خيال آهي ته عمران خان پنهنجي اقتدار دوران رياستي ادارن کي اهڙو نقصان پهچايو، جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ڪنهن سياسي اڳواڻ نه پهچايو. انهيءَ ڪري هاڻي “درستگي وارا قدم” ضروري سمجهيا پيا وڃن.پارٽي اندروني ذريعن موجب بيرسٽر گوهر خان عمران خان سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي، خاص طور بشريٰ بي بي جي آزادي لاءِ. پر ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان پاڻ انهن ڪوششن کي اهميت نٿو ڏئي، جنهن سبب پارٽي اندر مايوسي وڌي رهي آهي.موجوده حالتن ۾ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان لاءِ اقتدار ڏانهن واپسي جا در بند نظر اچن ٿا. طاقتور حلقن جو فيصلو واضح آهي ”عوام جيڪو به فيصلو ڪري، پي ٽي آءِ کي ٻيهر حڪومت ڪرڻ نه ڏني ويندي“.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  خميس 08 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.