خبردار! ذهني صحت سٺي رکڻي اٿو ته هنن غذائن کان پاسو ڪريو

انزائٽي (گھٻراهٽ، پريشاني ۽ ڊپ) روزمرهه جي مصروفيتن جو هڪ نتيجون آهي ۽ ان جي معمولي شدت نقصانڪار نه آهي ڇو جو ان سان اوهان کي خطري کان آگاهي، مختلف حالتن لاءِ تيار رهڻ ۽ خطرن جو ڪاٿو لڳائڻ ۾ مدد ملندي آهي.

پر جڏهن ان ڪيفيت کي روز منهن ڏيڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته هاڻي ان جي روڪٿام لاءِ ڪجهه ڪيو وڃي.

انزائٽي تي ڌيان نه ڏنو وڃي ته ان سان زندگي جو معيار تمام خرابي نموني متاثر ٿي سگھي ٿو.

انزائٽي جسم جي دٻاءَ لاءِ قدرتي ردعمل آهي، اهو ڊپ يا فڪر جي اهڙي ڪيفيت هوندي آهي جيڪا مختلف عنصرن جو ميلاپ هوندي آهي.

دل جي ڌڙڪي جي رفتار وڌي وڃڻ، ساهه ڦوڪجڻ، ٿڪ ۽ ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ ان جون ڪجهه علامتون آهن.

هونئن ته هر فرد ۾ ان جون مختلف علامتون ظاهر ٿي سگھن ٿيون، جيئن ڪنهن فرد کي شديد گھٻراهٽ ٿيندي آهي ڪنهن کي وري تڪليف ڏيندڙ خيال يا ڊپ جا دورا پئجي سگھن ٿا.

ڪيترائي ڀيران اوهان جون غذائي عادتون به انزائٽي جي شدت ۾ اضافو ڪري ڇڏينديون آهن.

ماهرن موجب کائڻ کان پوءِ سڀني تي هاڪاري يا ناڪاري اثر پوندا آهن ۽ اسان جي رويي ۽ مزاج تي غذائي جُز اثرانداز ٿيندا آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته دٻاءُاسان جي غذائي عادتن تي اثرانداز ٿيندو آهي پر اڪثر اسان جي خوراڪ به دٻاءَ جي سطح وڌائيندي آهي.

تنهنڪري اهڙين غذائن بابت ڄاڻيو جيڪي انزائٽي جي شدت وڌائي سگھن ٿيون.

ڪافي

ڪافي ۽ انزائٽي وچ ۾ تعلق موجود آهي ۽ ان جو سبب ڪيفين آهي.

ڪيفين ۾ موجود مرڪب انزائٽي جي شدت وڌائڻ جو سبب بڻبا آهن ۽ ماهرن ٻڌايو آهي ته ڪيفين جي استعمال سان دٻاءُ وڌائيندڙ هارمون خارج ٿيندا آهن جنهن سان دل جي ڌڙڪي جي رفتار ۽ بلڊ پريشر وڌندو آهي.

دٻاءُ وڌائيندڙ هارمونز سان انزائٽي جي شدت وڌندي آهي جڏهن ته سمهڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي ۽ ننڊ جي کوٽ به انزائٽي کي بدتر بڻائي ڇڏيندي آهي.

انرجي ڊرنڪس

انرجي ڊرنڪس ۾ به ڪيفين جو ججهو مقدار هوندو آهي ۽ ڪيفين جي اثرن جو ذڪر مٿي ڪري چڪا آهيون.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته انرجي ڊرنڪس جي استعمال ۽ ذهني مسئلن جهڙوڪ انزائٽي، دٻاءَ ۽ ڊپريشن وچ ۾ واسطو موجود آهي.

انرجي ڊرنڪس جي استعمال سان دل جي ڌڙڪي جي رفتار ۽ بلڊ پريشر ۾ به اضافو ٿيندو آهي جڏهن ته دل جي برقي سرگرمين ۾ به تبديليون اينديون آهن، جنهن سان انزائٽي جي شدت به وڌندي آهي.

اڇي ڊبل روٽي، چانور يا پاستا

انهن ٽنهي کي پراسيس ڪيو ويندو آهي ۽ انهن ۾ رفائن کنڊ به هوندي آهي جنهن سان مزاج تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

طبي ماهرن موجب اڇي ڊبل روٽي يا چانور کائڻ سان بلڊ شگر جي سطح تي تيزي سان اضافو ۽ گھٽتائي ٿيندي آهي.

بلڊ شگر جي سطح ۾ گھٽتائي ۽ اضافي کي انزائٽي سان سلهاڙيو ويندو آهي.

کنڊ کائڻ سان ڪجهه وقت لاءِ سٺو احساس ٿيندو آهي پر جڏهن بلڊ شگر جي سطح ۾ گھٽتائي ايندي آهي پوءِ انزائٽي جي شدت وڌندي آهي.

سافٽ ڊرنڪس

سافٽ ڊرنڪس جهڙوڪ سوڊا ۾ ڪيفين ۽ کنڊ جو ججهو مقدار هوندو آهي ۽ انهن ٻنهي مان ئي انزائٽي جي شدت ۾ اضافو ٿيندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته مٺن شربتن جي استعمال سان ذهني مسئلا جهڙوڪ انزائٽي جو خطرو وڌندو آهي جڏهن ته جسماني ورم ۽ چرٻي ۾ به اضافو ٿيندو آهي.

چاڪليٽ

سان دٻاءَ ۾ گھٽتائي ايندي آهي پر ان ۾ ڪيفين ۽ کنڊ جو ججهو مقدار هوندو آهي جنهن سان انزائٽي جي شدت ۾ اضافو ٿيندو آهي.

ماهرن موجب چاڪليٽ صحت لاءِ فائديمند هوندا آهن پر مناسب مقدار ۾ ان کي کائڻ گھرجي.

تَريل غذائون

تريل غذائون جهڙوڪ فرنچ فرائيز کائڻ سان نه رڳو انزائٽي پر ڊپريشن جو خطرو به وڌندو آهي.

حقيقت ۾ ڊپريشن جا 50 سيڪڙو مريضن انزائٽي کي منهن ڏيندا آهن.

تَريل خوراڪ جي استعمال سان شگر ٽائيپ ٽو، هارٽ فيليئر، ٿولهه ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙن مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو به وڌندو آهي.

ميون جو جوس

گھڻو ڪري ميون جي جوسن ۾ کنڊ جو مقدار تمام گھڻو هوندو آهي.

فروٽ جوسز ۾ صحت لاءِ فائديمند جُز نه هجڻ جي برابر هوندا آهن جڏهن ته کنڊ تمام گھڻي هوندي آهي جنهن سان بلڊ شگر جي سطح ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ انزائٽي جي شدت وڌندي آهي.

ڪيچپ

ڪيچپ ۾ به کنڊ جو مقدار گھڻو هوندو آهي جيڪو بلڊ شگر جي سطح تي اثرانداز ٿيندو آهي.

هٿرادو مٺاڻ

هٿرادو مٺاڻ ۾ کنڊ ته ناهي هوندي ۽ ڪيلوريز به گھٽ هونديون آهن پر ان جي استعمال سان به انزائٽي تي کنڊ يا ڪيفين جهڙا اثر پئجي سگھن ٿا.

ماهرن ٻڌايو ته هٿرادو مٺاڻ جي استعمال سان ٿڪ، چڙ اچڻ، ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائيون ۽ دل جي ڌڙڪي جي رفتار تيز ٿي وڃڻ جهڙن مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرورت مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.