گهوٽڪي/پنوعاقل(رپورٽ :عرفان علي سومرو+ارشاد رستم انڍڙ)چيف جسٽس سنڌهاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو آهي ته مستقبل نوجوانن جو آهي، اڄ آئون چيف جسٽس سنڌ آهيان سڀاڻي ڪو ٻيو هوندو، اهو هڪ تسلسل آهي جيڪو جاري رهندو، ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوان وڪيل ايمانداري سان سخت محنت ڪن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي بار ڪائونسل گهوٽڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيف جسٽس ڳالهائيندي چيو ته نوجوان وڪيلن کي جديد دور جي گهرجن مطابق محنت ڪرڻ گهرجي، کين اسان جي دور کان وڌيڪ سکڻ جا موقعا آهن. هن چيو ته جڊيشل مئجسٽريٽ جي ڀرتين جو عمل هلندڙ آهي ڪجهه مهينن اندر سنڌ مان ججن جي کوٽ کي ختم ڪيو ويندو جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي ويزن مطابق ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ گهوٽڪي سميت ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو جي ڪورٽن کي ٻن مرحلن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وينديون اهڙي ريت ضلعي بار ڪائونسل سميت ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي ۽ اوٻاوڙو جي تعلقه بار ڪائونسلن کي به سهولتون فراهم ڪنداسون جن ۾ اي لائبريريون، 6-6 ڪلو واٽ جا سولر پلانٽ، واٽر ڊسپينسر، وومين سيٽرنگ فيسلٽي، ايئرڪنڊيشن جون سهولتون موجود آهن. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي سرحدي ضلعن ۾ امن و امان جو مسئلو آهي، بدامني هوندي ته روزگار جا موقعا پيدا نه ٿيندا ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي کي هدايت ڪئي آهي ته امن و امان بابت انتظاميه سان گڏجاڻي ڪري. ان موقعي تي هن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي هدايت ڪندي چيو ته ضلعي جي ڪورٽن ۾ ڪلريڪل ۽ لوئر اسٽاف جي ڀرتين وارو عمل هڪ هفتي ۾ شروع ڪيو وڃي ته جيئن اسٽاف جي کوٽ ختم ٿي سگهي. ان کان اڳ چيف جسٽس سنڌ ظفر احمد راجپوت نئين تعمير ٿيندڙ ڪورٽن جي 2 عمارتن ۽ عورتن لاءي تعمير ٿيل انتظار گاه جو افتتاح ڪري ڪورٽ جي احاطي ۾ ٻوٽو لڳايو هوڏانهن چيف جسٽس سنڌهاءِ ڪورٽ ظفر احمد راجپوت پنوعاقل ڪورٽ پھتو جتي وڪيلن کي خطاب ڪرڻ گڏ سان تعمير ٿيندڙ جوڊيشل ڪامپليڪس جو جائزو ورتو ۽ ايفيڊيوٽ برانچ جو افتتاح ڪيو، چيف جسٽس سنڌ پاران ڪورٽ روم، تعلقي بار ۽ ٻين برانچز لاءِ ٽي ٽي ڪلو واٽ سولر پلانٽ جو اعلان ڪيو ويو، چيف جسٽس سنڌ پاران جوڊيشل ڪامپليڪس جي تعمير ٿيندڙ نئين بلڊنگ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظھار پڻ ڪيو ويو ان موقعي تي چيف جسٽس سنڌ ظفر احمد راجپوت وڪيلن کي خطاب ڪندي چيو ته 2017 کان جوڊيشل ڪامپليڪس جو ڪم ھلندڙ آهي جيڪو الائي ڇو مڪمل ناھي ٿيو ؟ ڊسٽرڪٽ سيشن جج کي چيو آھي تہ تفصيل وٺي جمع ڪرائي جيڪڏھن بجيٽ ۾ بدعنواني ٿي آھي ته سخت ڪاروائي ڪنداسين چيف جسٽس سنڌ وڌيڪ چيو تہ اسان ھاڻ ماڊرن دور ۾ آھيون ھي دور اي فائلنگ جو آھي، انٽرنيٽ جو آھي، ماڻھن جو پئسو ۽ وقت بچائڻ لاءِ ھاڻ پوري دنيا ۾ اي فائلنگ سسٽم آھي، پنوعاقل ڪورٽ کي به اي فائلنگ سھولت ڏينداسين چيف جسٽس سنڌ پنوعاقل بار جي عهديدارن کي حلف پڻ کڻايو. ان موقعي تي چيف جسٽس سنڌ کي وڪيلن پاران سنڌي ثقافتي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا ۽ پٽڪو پڻ پارايو ويو.