ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي جي ترقياتي ڪمن ۾ عسڪري ترقياتي اداري ايف ڊبليو او سان گڏجي ڪم جو فيصلو ڪري ورتو آهي،ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن (ايف ڊبليو او)، لوڪل گورنمينٽ کاتي ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي وزير اعلي هائوس ۾ گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو مقصد شهر ۾ عالمي معيار جي ترقي لاءِ ايف ڊبليو او سان ڀائيواري قائم ڪرڻ آهي، اجلاس ۾ صوبائي وزير بلديات ناصر حسين شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي شرڪت ڪئي۔ ايف ڊبليو او جي وفد جي اڳواڻي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عبدالسميع ڪري رهيو هو۔ اجلاس دوران وڏي وزير ڪراچي لاءِ وڏي پيماني تي ترقياتي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ۾ ميگا انفراسٽرڪچر ۽ رابطن (ڪنڪٽي ويٽي) جا منصوبا شامل آهن،وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ هڪ جامع ترقياتي منصوبو لاڳو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ شهر ۾ 523 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪرڻ لاءِ 84 ارب 79 ڪروڙ 60 لک رپين جي هڪ ڀيري گرانٽ اِن ايڊ منظور ڪئي وئي آهي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي سان لاڳاپيل منصوبن لاءِ وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت 26 ارب 28 ڪروڙ 20 لک رپين جي به منظوري ڏني وئي آهي۔ وڏي وزير چيو ته مان معيار، رفتار ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايف ڊبليو او سان ڀائيواري ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ چاهيان ٿو، هن زور ڏنو ته سڀئي ميگا ۽ اهم منصوبا عالمي معيار جي منصوبابندي ۽ ڊزائن تحت هئڻ گهرجن۔ سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي ترقي دنيا جي بهترين شهرن جي برابر هئڻ گهرجي۔ هن اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ڊويزن ۾ فوري عملدرآمد لاءِ 10 ارب 72 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڇهه ترجيحي انفراسٽرڪچر منصوبا سڃاتا ويا آهن جن جو مقصد ٽريفڪ جي پراڻن مسئلن جو حل، بهتر رابطن ۽ شهري آمد و رفت کي مضبوط ڪرڻ آهي۔ انهن ترجيحي منصوبن ۾ ايم-9 کان ملير-15 تائين جناح ايونيو ۽ شاهراهه فيصل ذريعي روڊ جي بحالي (1 ارب 2 ڪروڙ 50 لک رپيا)، ملير هالٽ تي پرنٽنگ پريس کان شاهراهه فيصل تائين ساڄي موڙ جو انڊرپاس (1 ارب 50 ڪروڙ رپيا)، ۽ ايئرپورٽ روڊ کان اسٽار گيٽ، شاهراهه فيصل تائين فلاءِ اوور جي تعمير (1 ارب 20 ڪروڙ رپيا) شامل آهن جنهن سان هوائي اڏي تائين پهچ وڌيڪ بهتر ٿيندي۔ ٻين منصوبن ۾ هاڪس بي ۾ واءِ جنڪشن کان مڇي چوڪ تائين روڊ جي بحالي جنهن ۾ مسرور بيس کان ٽرڪ اسٽينڊ تائين خراب حصا شامل آهن (1 ارب 99 ڪروڙ 50 لک رپيا) ۽ سهراب گوٺ تي 5 ارب رپين جي لاڳت سان فلاءِ اوور جي تعمير شامل آهي، جيڪو بين الاضلاعي ٽريفڪ لاءِ ڪراچي جو اهم داخلي دروازو آهي۔ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته پاڪستان جي معاشي مرڪز هئڻ سبب ڪراچي کي سنگين ڍانچائي، ماحولياتي ۽ شهري مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 10 کان 12 نمايان ترقياتي اسڪيمون سڃاڻيون پيون وڃن، جن مان پنج کي وڏي وزير شروعاتي عملدرآمد لاءِ منظور ڪري ڇڏيو آهي۔ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪراچي لاءِ 84 ارب 79 ڪروڙ 60 لک رپين جي لاڳت سان 523 ترقياتي اسڪيمون تيار ڪيون ويون آهن، جن ۾ مختلف علائقن ۾ اندروني طور تي خراب ٿيل روڊن جي بحالي، ٽريفڪ مينيجمينٽ سسٽم ۾ سڌارا، رابطي وارا روڊ، وڏيون شاهراهون، فلاءِ اوور، پارڪ ۽ ست چونڊيل روڊن جي خوبصورتي شامل آهي۔ انهن منصوبن تي عملدرآمد لاءِ ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي، ڪراچي ميگا اسڪيمز ۽ سٽي گورنمينٽ جا ادارا اهم ذميوار هوندا۔ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته اهي اسڪيمون فيلڊ ويئرِي فيڪيشن، کاتي جي جائزي ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ تيار ڪيون ويون آهن، جن جو مقصد ٽريفڪ جام ۾ گهٽتائي، هوائي اڏي ۽ بين الاضلاعي رابطن ۾ بهتري، لاجسٽڪس ۽ صنعتي ٽرانسپورٽ رستن کي مضبوط ڪرڻ ۽ شهري انفراسٽرڪچر توڙي شهر جي سونهن ۾ اضافو آهي۔ وڏي وزير فيصلو ڪيو ته ايف ڊبليو او جا انجنيئر، لوڪل گورنمينٽ ۽ ڪي ايم سي جا عملدار گڏجي فيبروري جي آخر تائين ڊزائن کي حتمي شڪل ڏيندا ۽ انهن يوٽيلٽيز جي نشاندهي ڪندا جن کي منتقل ڪرڻ ضروري آهي، ته جيئن مارچ ۾ عملي ڪم شروع ڪري سگهجي۔ وڏي وزير سنڌ پائيدار، بهتر ڊزائن ۽ اثرائتي نموني سان عملدرآمد ٿيندڙ منصوبن ذريعي ڪراچي کي تبديل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ايف ڊبليو او ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهي هم آهنگي سان تيزيءَ سان ڪم اڳتي وڌائن۔