ملڪ جا حال حب الوطني وارا ناهن: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهـد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جي موجوده حالتن جا اسين سڀ گڏيل طور ذميوار آهيون۔هن چيو ته ملڪ ۾ 60 سالن کان هائبرڊ حڪومتون هلنديون رهيون آهن، ۽ جيستائين سڀ ڌريون گڏ ويهي ڳالهه نه ڪنديون، حالتون بهتر نه ٿينديون۔سندس چوڻ هو ته ملڪ جي خرابيءَ جو ذميوار ڪو هڪ فرد يا ادارو ناهي، سياستدان، ادارا ۽ نظام سڀ شامل آهن۔هن چيو ته ڊائيلاگ جو عمل ئي هميشه پائيدار نتيجا ڏئي ٿو۔معيشت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي مسئلن جو سڌو اثر معيشت تي پوي ٿو، خاص طور تي جڏهن ميڊيا آزاد نه هجي،هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ انتشار ۽ قانون جي حڪمراني نه هوندي ته ملڪ نٿو هلي سگهي، ۽ ان جا نتيجا معيشت تي نظر اچن ٿا،عمران خان  بابت هن چيو ته هي مسئلو ڪنهن هڪ شخص جي آزادي جو ناهي، باني چيئرمين به حڪومت ڪري چڪو آهي ۽ اڄ به سندس سياسي طاقت موجود آهي،هن زور ڏنو ته سياستدان، فوج، ججز ۽ واپاري سڀني کي گڏجي ويهي حل ڳولڻا پوندا۔سندس چوڻ هو ته حب الوطني جا دعوٰي ته سڀ ڪن ٿا، پر ملڪ جا حال حب الوطني وارا ناهن، ڇو ته ملڪ تي اشرافيا جو قبضو آهي ۽ ناڪامي ليڊرشپ جي ڪمزوري سبب آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.