اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جي ميمبر شير افضل مروت چيو آهي ته ڊائيلاگ جو عمل هميشه پائيدار نتيجا ڏئي ٿو، پاڪستان ۾ اسان ڪڏهن به قومي سلامتي جي تصور کي سنجيدگي سان سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي۔نيشنل ڊائلاگ ڪميٽي جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊائيلاگ صرف باني چيئرمين جي آزادي تائين محدود نه ڪيو وڃي،هڪ وڏي سياسي جماعت هئڻ باوجود اپوزيشن ليڊر لاءِ ڪنهن ٻي شخصيت کي نامزد ڪيو ويو،اهڙا فيصلا ڪهڙي بنياد تي ٿي رهيا آهن،ڇا پي ٽي آءِ ۾ ڪو به فيصلو درست ثابت ٿيو آهي؟ شير افضل مروت چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ڪو به اختلاف ناهي، پر ساڳئي وقت اهو به مڃيو ته “مان نه مڃان” واري سوچ پارٽي کي نقصان پهچايو آهي۔عدليه بابت هن چيو ته 27هين ترميم کان پوءِ عدليه پنهنجي آزادي وڃائي ويٺي آهي، حل موجود آهي پر سوال اهو آهي ته عملدرآمد ڪير ڪرائيندو؟هن زور ڏنو ته ڊائيلاگ بنيادي نظام تي هئڻ گهرجي، نه رڳو باني چيئرمين يا ڪوٽ لکپت جيل جي قيدين تائين محدود۔ٻين سياسي ڌرين سان ويهڻ بابت هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ سان نه ويهڻو آهي ته پوءِ اي اين پي، پيپلز پارٽي يا فواد چوڌري سان ڪهڙو مسئلو آهي؟