عوام جي حقن جو تحفظ ۽ ڪرپشن ختم ٿيڻ گهرجي:لياقت بلوچ

اسلام آباد(بيورو)جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ قومي ڊائلاگ ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کيسياسي بحران ۽ بند گهٽيءَ مان ڪڍڻ لاءِ اخلاص ۽ مثبت سوچ سان قومي سطح تي ڊائلاگ ضروري آهي.لياقت بلوچ چيو ته قومي ڊائلاگ ڪميٽي جو قدم وقت جي گهڻي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ شڪ ۽ بي اعتمادي جي فضاء موجود آهي. هن زور ڏنو ته ڊائلاگ جو دائرو واضح ۽ محدود هجڻ گهرجي، ۽ اهم اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪندي اعتماد وڌائڻو پوندو.هن چيو ته ملڪ ۾ موجود سياسي پارٽين، اپوزيشن ۽ حڪومت، سڀني کي اخلاقي ۽ متوازن انداز سان مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. اڳ ۾ مختلف تحريڪون ۽ قومي اتحاد به ڪامياب ڪوششون ٿيون، پر انهن جو عملدرآمد گهٽ ۽ سياسي ڌرين جي مفادن جي ڪري محدود رهيو.لياقت بلوچ چيو ته موجوده سياست ۾ هڪ منفي رويي جي عادت پيدا ٿي وئي آهي، جتي جڏهن پارٽي حڪومت ۾ هوندي آهي ته سڀ ٺيڪ آهي، ۽ اپوزيشن ۾ ته هر شيءِ تباهه نظر ايندي آهي. هن زور ڏنو ته ملڪ کي توازن ۽ متوازن تجزيي سان اڳتي وڌائڻ ضروري آهي،هن چيو ته عوام جي حقن جي حفاظت لازمي آهي.معيشت جي تباهي ۽ افراط زر کي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.الیڪشن ۾ عوام جي مينڊيٽ کي قبول ڪرڻ لازمي آهي ۽ ڪابه پارٽي ڪنهن ٻئي جي آلاڪار ٿيڻ لاءِ تيار نه هجي.قومي سطح تي ڪرپشن ۽ مفت خوري جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.