اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ موبائل ورچوئل نيٽ ورڪ آپريٽرز لاءِ باضابطا پاليسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تحت شروعاتي طور لائسنس 15 سالن جي مدي لاءِ جاري ڪيا ويندا.
جديد ۽ سستي موبائل سروسز جي فراهمي جي هدفن ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ملڪ ۾ موبائل ورچوئل نيٽ ورڪ آپريٽرز لاءِ باضابطا پاليسي فريم ورڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پاليسي تحت ايم وي اين اوز بنا اسپيڪٽرم جي، موجوده نيٽ ورڪ آپريٽرز جي سهڪار سان پنهنجي موبائل سروسز فراهم ڪري سگهندا، جڏهن ته شروعاتي طور تي اهي لائسنس 15 سالن لاءِ جاري ڪيا ويندا.
پي ٽي اي موجب، هن قدم سان مقابلي، جدت ۽ واهپيدارن لاءِ بهتر چونڊ جا موقعا وڌندا، جڏهن ته ٽيليڪام سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، هي قدم ڊجيٽل پاڪستان ويزن جي حاصلات ۾ به مددگار ثابت ٿيندو.
پي ٽي اي اعلان ڪيو آهي ته ايم وي اين او لائسنس جاري ڪرڻ جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته لائسنس جو مسودو ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڙئي واضح شرط شامل ڪيا ويا آهن.
ملڪ ۾ جديد ۽ سستي موبائيل سروسز جي فراهمي! پي ٽي اي وڏو قدم کڻي ورتو
Prev Post
You might also like