خشڪ ميون ۾ ڳڻيو ويندڙ ڪاجو اهڙو ذائقيدار ميوو آهي جنهن کي سياري جي موسم ۾ ڪثرت سان استعمال ڪيو ويندو آهي ڇو جو ان جا فائدا به گھڻا آهن.
ان ميوي ۾ اُهي اهم خاصيتون هونديون آهن جيڪي ان کي ٻين ميون کان بهتر بڻائين ٿيون ڇو جو ان ميوي ۾ معدنيات، فائبر، ميگنيشيم، پروٽين، فاسفورس، جست ۽ وٽامنز موجود هوندا آهن جيڪي اسان جي صحت لاءِ گھڻا فائديمند آهن.
ڪاجو ۾ غذائيت
30 گرام ڪچي ڪاجو ۾ 166 ڪيلوريز، 5.5 گرام پروٽين، 13 گرام فيٽ، 9 گرام ڪاربو هائڊريٽ، 1 گرام فائبر، 2 ملي گرام آئرن، 88 ملي گرام ميگنيشيم ۽ 1.7 ملي گرام زنڪ هوندو آهي.
ڪاجو کائڻ جا گھڻا فائدا آهن جن کي ڄاڻي اوهان به حيران ٿي ويندا ۽ انهن فائدن جي ڪري اوهان ڪاجو کي پنهنجي زندگي ۾ ڪجهه مقدار ۾ کائڻ جي روٽين ضرور بڻايو ڇو جو صحت ئي سڀ ڪجهه آهي.
ڪولسٽرول جي سطح گھٽائيندو آهي
ڪاجو جو استعمال ڪولسٽرول جي سطح کي گھٽائي نه رڳو نارمل رکندو آهي پر ٿولهه جي مسئلن کان به پري رکندو آهي. ان کي کائڻ سان فالج جي حملي کان سولائي سان بچي سگهجي ٿو ڇو جو ڪاجو کائڻ سان قوت مدافعت وڌي ويندي آهي.
ٿولهه کان بچاءَ لاءِ بهترين
ان کانسواءِ ڪاجو جو لاڳيتو استعمال وزن گھٽائڻ ۾ به گھڻو فائديمند آهي، ڪاجو کائڻ سان ٿولهه گھٽبي آهي جڏهن ته هڏن جي سور کان به بچي سگھجي ٿو.ڪاجو ڪيلشيم جي کوٽ کي پورو ڪندو آهي ۽ صحتمند زندگي گذارڻ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندو آهي.
اکين جو نور
ڪاجو جو استعمال جيڪڏهن کير ۾ وجهي ڪيو وڃي ته ان سان اکين جي نظر بلڪل ٺيڪ ٿي ويندي آهي ايتري تائين جو موتيا جهڙي خطرناڪ بيماري کان به بچي سگهجي ٿو.
رت جي کوٽ
ڪاجو جسم ۾ رت جي کوٽ کي ختم ڪري جسم کي توانائي بخشيندو آهي جنهن سان ماڻهو ڦڙٽ نظر ايندو آهي، ڪاجو آئرن جي کوٽ کي به ختم ڪندو آهي ۽ رت کي به صاف ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي.
ڪوڙهه جي مريضن لاءِ
طبي ماهرن موجب ڪاجو جو تيل سرڪي ۾ گڏائي ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا مريض جي مالش ڪرڻ سان فائدو ٿيندو ۽ بيماري جلد ختم ٿيندي. ان کانسواءِ ڪاجو اسان جي بُڪين جي صحت لاءِ به بهترين خشڪ ميوو آهي.