ڪراچي (ويب ڊيسڪ) زيتون جو تيل دل جي صحت کي بهتر ڪري ٿو ۽ سياري ۾ خطرن کي گهٽائي ٿو.
هن تيل ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس وڌيڪ هوندا آهن جيڪي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا.
زيتون جو تيل صحتمند سڻڀ سان ڀرپور هوندو آهي جيڪو کل جي صحت لاءِ بهترين آهي ۽ سياري ۾ خشڪي کي روڪي ٿو.
زيتون جي تيل جون سوڄ مخالف خاصيتون سنڌن کي مضبوط ڪن ٿيون.
زيتون جو تيل وزن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۽ سياري ۾ فائديمند آهي.
هن جو صحتمند سڻڀ اندروني گرمي ۾ واڌارو ڪندو آهي جنهن سان سيءُ ناهي ٿيندو.
زيتون جو باقاعدگي سان استعمال ڪوليسٽرول کي توازن ۾ رکندو آهي.