اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري، مسلم ليگ نون جي صدر نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي مشاورت سان حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جي انتظام هيٺ قومي ڊائيلاگ ڪميٽي جو اجلاس سڏايو ويو، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، جماعت اسلامي جي لياقت بلوچ، شير افضل مروت، بئريسٽر سيف، عمران اسماعيل ۽ شهزاد وسيم شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ڳالهين جو طريقيڪار ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ واري تجويزن تي غور ڪيو ويو.
اجلاس جي پڌرائي موجب، اپوزيشن ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا سياسي قيدين سان گڏجي ڊائيلاگ ڪميٽي کي مضبوط ۽ اڳتي وڌائندي.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته صدر آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي مشاورت سان حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ فوري طور اپوزيشن ليڊر جي مقرري ڪئي وڃي، سياسي ڪارڪنن جي آزادي کانپوءِ حڪومت تي اعتماد وڌندو، ميڊيا تي سينسرشپ ختم ڪئي وڃي ۽ سياستدانن مٿان ڪيس ختم ڪيا وڃن.
نيشنل ڊائيلاگ ۾ ڳالهه ٻولهه وارو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس ملتان ۾ ٿيندو.
ڳالهين لاءِ سياسي ڪارڪنن کي آزاد ۽ ڪيس ختم ڪيا وڃن: نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي ڪانفرنس
You might also like