ڪيمبرج( ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ميساچوسٽس جي شهر ڪيمبرج ۾ پهريون ڀيرو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ۾ ٻنهي عهدن تي پاڪستاني نوجوان چونڊجي ويا.
پنج جنوري تي ٿيل چونڊن ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سان واسطو رکندڙ سنبل صديقي سال 2026 لاءِ ٽين ڀيرو ڪيمبرج سٽي جي ميئر طور چونڊي وئي، جڏهن ته پنجاب جي بوريوالا جو برهان عظيم ڪيمبرج سٽي جو سڀ کان ننڍي عمر وارو ڊپٽي ميئر چونڊيو ويو.
سنبل صديقي وڪيل آهي ۽ آمريڪا ۾ سياسي ميدان ۾ پڻ سرگرم آهي، هوءَ پهريون ڀيرو سال 2017 ۾ ڪيمبرج ڪائونسل لاءِ چونڊي وئي هئي، هوءَ سال 2020 کان 2024 تائين ٻه ڀيرا ڪيمبرج جي ميئر رهي چڪي آهي.
ان کانسواءِ ميساچوسٽس رياست جي تاريخ ۾ سنبل صديقي ڪيمبرج جي پهرين مسلمان ميئر ۽ ايشيائي عورت آهي جيڪا ٽيون ڀيرو ميئر چونڊي وئي آهي.