رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس رحيم يار خان ۾ ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن دوران هڪ ڪروڙ انعام يافته ڌاڙيل ميرا لٺاڻي پنهنجي ساٿين سميت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، پنجاب حڪومت خطرناڪ اشتهاري ڏوهاري جي سر جي قيمت 10 ملين رپيا مقرر ڪئي هئي، سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڌاڙيل فدا عرف راٺور لٺاڻي ۽ زلفي لٺاڻي به پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
ترجمان موجب،ڪارروائي دوران جڏهن پوليس رحيم يار خان ۾ ڪڙو چاڙهيو ته ڌاڙيل ميرا لٺاڻي، فدا عرف راٺور لٺاڻي ۽ زلفي لٺاڻي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊي پي او رحيم يار خان عرفان علي سمون جي اڳواڻي ۾ ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف انٽيليجنس بيسڊ ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي.
ترجمان موجب،گرفتار ٿيل ڌاڙيل قتل، پوليس تي حملن، اغوا ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن ۽ سندن جو تفصيلي رڪارڊ پڻ موجود آهي.
You might also like