باڪو (ويب ڊيسڪ)آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو آهي ته سندس ملڪ غزا جي پٽي ۾ ڪنهن به امن مشن تحت پنهنجي فوج مقرر نه ڪندو.
هڪ انٽرويو ۾ صدر عليوف چيو ته آذربائيجان جو پنهنجي سرحدن کان ٻاهر، غزا ۾ استحڪام سميت تجويز ڪيل بين الاقوامي ڪوششن تحت ڪنهن به قسم جا فوجي دستا موڪلڻ جو ڪو به ارادو ناهي.
هن چيو ته مان آذربائيجان کان ٻاهر ڪنهن به قسم جي فوجي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ بابت ڪو به غور ويچار نه پيو ڪيان.
صدر عليوف وڌيڪ چيو ته آذربائيجان جو ان حوالي سان آمريڪي انتظاميا سان رابطو رهيو آهي ۽ آذربائيجان واشنگٽن کي اهڙي ڪنهن به مشن جي طريقيڪار بابت 20 کان وڌيڪ سوالن تي ٻڌل هڪ تفصيلي فهرست به اماڻي هئي.
You might also like