مستفيض کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ تي ڏُکارو آهيان، پاڪستان سان به ائين ٿيندو رهيو آهي: معين علي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر معين علي مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل مان ڪڍڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙي صورتحال ڊگهي عرصي کان جاري آهي ۽ پاڪستان سان به ائين ٿيندو رهيو آهي.
معين علي هڪ انٽرويو ۾ ڀارت جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته آسٽريلوي ۽ انگلش بورڊز جا پنهنجا مفاد پورا ٿيندا آهن، تنهنڪري اهي چُپ رهن ٿا، ۽ سياست سميت دنيا به اهڙي ئي نموني هلي ٿي.
هن آءِ سي سي هلائيندڙن تي تنقيد ڪندي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته آءِ سي سي ڪير هلائي رهيو آهي، پر ڪو به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي.
معين علي چيو ته مستفيض الرحمان کي آءِ پي ايل ٽيم مان ڪڍڻ ڏکوئيندڙ آهي، اها صورتحال ڊگهي عرصي کان جاري آهي، ائين پاڪستان سان به ٿيندو رهيو آهي، پر ڳالهه دٻائي ويندي آهي.
بنگلاديش طرفان عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه وڃڻ واري فيصلي بابت معين علي چيو ته هو ان معاملي ۾ بنگلاديش کي ذميوار نٿو سمجهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.