اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) چيني ۽ شنگھائي حڪومت جي اسڪالرشپس تحت چين جي عالمي شهرت يافته فودان يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ايليٽ پائينيئر پروگرام 2026 لاءِ پاڪستاني شاگردن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن.
هي پروگرام ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جي سطح تي مڪمل طور تي انگريزي ٻولي ۾ پڙهايو ويندو.
مضمون
ايڇ اي سي موجب، ماسٽرز ڊگري پروگرامن ۾ فنانس، انٽرنيشنل بزنس، بگ ڊيٽا، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، چيني سياست، صحافت سميت ٻيا شعبا شامل آهن، جڏهن ته پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ فزڪس، بايولاجي، ماحولياتي سائنس، رياضي، پبلڪ مينيجمينٽ ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جهڙا مضمون پيش ڪيا پيا وڃن.
مفت رهائش ۽ ماهوار وظيفو
اسڪالرشپس تحت چونڊيل شاگردن کي مڪمل ٽيوشن فيس، يونيورسٽي هاسٽل ۾ مفت رهائش، ماهوار وظيفو (ماسٽرز لاءِ 3000 آر ايم بي ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ 3500 آر ايم بي تائين) سان گڏ گڏيل طبي انشورنس جي سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي.
اهليت
درخواست ڏيندڙ جو غير چيني شهري هئڻ ۽ صحيح پاسپورٽ رکڻ لازمي آهي، ماسٽرز اميدوارن لاءِ بيچلرز، جڏهن ته پي ايڇ ڊي اميدوارن لاءِ ماسٽرز ڊگري لازمي قرار ڏني وئي آهي.
انگريزي ٻولي جي مهارت لاءِ آءِ اي ايل ٽي ايس (6.5 يا ان کان وڌيڪ)، ٽوفل، ڊوولنگو يا پي ٽي اي جو شرط رکيل آهي، جڏهن ته اهڙن اميدوارن کي ڇوٽ حاصل آهي جن جي اڳوڻي تعليم مڪمل طور انگريزي ۾ هوندي،
درخواست
درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ 22 فيبروري 2026 آهي، دلچسپي رکندڙ اميدوار درخواست بابت مڪمل رهنمائي ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته آن لائين درخواست فودان يونيورسٽي جي پورٽل ذريعي جمع ڪرائي سگهجي ٿي.
ايڇ اي سي اهل پاڪستاني شاگردن تي زور ڏنو آهي ته هو هن قيمتي بين الاقوامي تعليمي موقعي مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪن.