بي آءِ ايس پي پروگرام: سنڌ جي مستحق خاندانن وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي مستحقن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن کين باعزت ۽ پائيدار روزگار ميسر ٿي سگهي.
بي آءِ ايس پي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ”بينظير هنرمند پروگرام“ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد مستحق خاندانن جي ڀاتين کي مفت فني تربيت فراهم ڪرڻ آهي، پروگرام ۾ چونڊيل فردن کي تربيت دوران ماهوار وظيفو پڻ ڏنو ويندو.
ترجمان چيو ته پهرئين مرحلي ۾ سنڌ سرڪار جي سهڪار سان سنڌ جي 28 ضلعن ۾ هن پروگرام جو آغاز ڪيو ويو آهي، جن ماڻهن کي چونڊيو ويو آهي، انهن سان بي آءِ ايس پي جو عملو فون ذريعي رابطو ڪندو ۽ 8171 ذريعي تصديقي پيغام پڻ موصول ٿيندو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جن ماڻهن کي 8171 تان پيغام يا بي آءِ ايس پي طرفان ڪال موصول ٿئي، اهي فوري طور ويجهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيس سان رابطو ڪن ۽ ويجهي تربيتي اداري ۾ داخلا حاصل ڪن، پروگرام جو مقصد مستحق خاندانن کي هنرمند بڻائي باعزت ۽ پائيدار روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.
واضح رهي ته رڳو بي آءِ ايس پي جا مستحق يا سندن خاندان جا فرد ئي بينظير هنرمند پروگرام ۾ داخلا وٺي سگهن ٿا.
پروگرام جي آفيشل ويب سائيٽ تي ڄاڻايل شرطون ۽ طريقيڪار هن ريت آهي
* بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائنامڪ رجسٽري ۾ رجسٽرڊ مستحق ئي بينظير هنرمند پروگرام ۾ شموليت جا اهل آهن.
* پروگرام ۾ شموليت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي شرط ميٽرڪ مقرر ڪئي وئي آهي.
* عمر جي حد 18 کان 40 سال مقرر آهي.
*هي پورٽل([https://hunarmand.bisp.gov.pk](https://hunarmand.bisp.gov.pk))رڳو رجسٽريشن لاءِ آهي، جڏهن ته درخواستن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ئي پروگرام ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو ويندو.
* هڪ گهر مان رڳو هڪ ڀاتي پروگرام لاءِ رجسٽر ٿي سگهي ٿو.
* پروگرام جو حصو بڻجڻ لاءِ بي آءِ ايس پي پورٽل تي رجسٽريشن ڪرايو يا ويجهي تعلقي آفيس ۾ اصلي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ فعال موبائل نمبر ذريعي رابطو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.