وزيراعظم رمضان پئڪيج، عورتن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزا فاطمه چيو آهي ته وزيراعظم رمضان پئڪيج تحت پنج لک عورتن جا ڊجيٽل واليٽس کوليا پيا وڃن.
دبئي جي مشهور رئيل اسٽيٽ ڪمپني داماڪ پراپرٽيز جي بزنس ڊيليگيشن آءِ ٽي وزارت جو دورو ڪيو، جتي وفاقي وزير شزا فاطمه وفد جو شاندار آڌرڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي وزير وفد کي پاڪستان جي ڊجيٽل نيشن ويزن ۽ حڪومتي ڊجيٽل پاليسي بابت تفصيلي آگاهي ڏني.
دوري دوران وفد کي عورتن جي ڊجيٽل شموليت ۽ مالياتي سهولتن بابت کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي شزا فاطمه ٻڌايو ته رمضان پئڪيج تحت پنج لک عورتن جا ڊجيٽل واليٽس کوليا پيا وڃن، جڏهن ته بي آءِ ايس پي تحت به عورتن کي مالياتي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.