وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ پاران جلد وطن واپسي جو اعلان

ڪراڪس(عوامي آواز رپورٽ)وينزويلا جي اپوزيشن اڳواڻ ماريا ڪورينا ماچاڊو چيو آهي ته هوءَ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي پنهنجي وطن واپس وڃڻ جو ارادو رکي ٿي. ساڳئي وقت هن عبوري حڪومت تي سخت تنقيد پڻ ڪئي آهي۔نوبيل امن انعام حاصل ڪندڙ ماريا ڪورينا ماچاڊو ان عزم \جو اظهار ڪيو آهي ته هوءَ پنهنجي ملڪ وينزويلا واپس ايندي۔ماچاڊو گذريل مهيني ناروي وئي هئي، جتي هن نوبيل امن انعام وصول ڪيو، ۽ ان کان پوءِ هوءَ وينزويلا واپس ناهي آئي۔فوڪس نيوز جي ميزبان شان هينٽي کي ڏنل انٽرويو ۾، ماچاڊو وينزويلا جي عبوري صدر ڊيلسي روڊريگز کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ته هوءَ تشدد، سياسي جبر، بدعنواني ۽ منشيات جي اسمگلنگ جهڙن عملن جي اهم معمارن مان هڪ آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.