پاڪستان جا ادارا سنجيده بيان ڏين:ترجمان افغان طالبان

ڪابل(عوامي آواز رپورٽ)افغان طالبان اداري جي ترجمان جي تازن بيانن کي "غير ذميواراڻا ۽ ڀڙڪائيندڙ” قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي آهي.افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستاني فوج جي ترجمان پاران تازو پريس ڪانفرنس دوران افغانستان جي سرڪاري ۽ سماجي ڍانچي تي ڪيل تنقيد حقيقتن جي خلاف آهي ۽ هڪ ذميوار فوجي عهدي جي تقاضائن سان ٽڪرائي ٿي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته امارت اسلاميه افغانستان اهڙي بيانن کي رد ڪري ٿي ۽ پاڪستان جي لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪري ٿي ته اهي افغانستان خلاف "بنياد کان خالي پروپيگنڊا” ڪرڻ بدران پنهنجي گهريلو مسئلن جي حل تي ڌيان ڏين.ذبيح الله مجاهد موجب، افغانستان هڪ خودمختيار ۽ مستحڪم ملڪ آهي، جنهن وٽ مضبوط سيڪيورٽي ڍانچو ۽ مقتدر قيادت موجود آهي، ۽ اهو پنهنجي سڄي سرزمين تي مڪمل حاڪميت رکندو آهي. هن چيو ته افغانستان جي گهريلو معاملن ۾ مداخلت ۽ ڌمڪي ڀري ٻولي افغان عوام لاءِ ڪنهن به صورت قبول لائق ناهي.”امارت اسلاميه پاڪستاني ادارن تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي نازڪ صورتحال کي مدنظر رکندي ذميوارانه رويو اختيار ڪن ۽ سنجيده بيان ڏين.

  1. صوبائي محتسب اعليٰ پاران سال 2025 جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي محتسب اعليٰ محمد سهيل راجپوت گذريل سال 2025 جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب گذريل سال سرڪاري کاتن سان لاڳاپيل 25,000 کان وڌيڪ عوامي شڪايتون موصول ٿيون، جن مان 12,000 کان وڌيڪشڪايتون حل ڪيون ويون، جڏهن ته 2,500 کان وڌيڪ شڪايتون غير رسمي طور تي سلجهائيون ويون. شروعاتي جاچ کان پوءِ 7,000 کان وڌيڪ شڪايتون رد ڪيون ويون. محمد سهيل راجپوت موجب عوامي شڪايتن ۾ واڌاري جو سبب آگاهي سيمينار، کليل عدالتون ۽ شاگردن جي شرڪت آهي. هن چيو ته شڪايتن کي جلدي حل ڪرڻ لاءِ ويب سائيٽ ۽ ايپليڪيشن پڻ فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن سان شڪايت ڪندڙ پنهنجي شڪايت جي عملدرآمد کي سڌو سنئون ڏسي سگهن ٿا. صوبائي محتسب اعلي جو چوڻ آهي ته عوام کي مفت، معياري ۽ فوري سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ انصاف جي فراھمي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.

  1. حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪري:شيخ رشيد

راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت رڳو گاڏين وارن کي سهولتون ڏيڻ تائين محدود نه رهي، پر ريڙهي وارن کي به جيئڻ جو حق ڏنو وڃي۔راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي جي جي ايڇ ڪيو حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي شيخ رشيد پنهنجي وڪيلن سان گڏ پيش ٿيو۔عدالت کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته حڪومت کي گهرجي ته ملڪ مان بيروزگاري ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.