پاڪستان کي ”سخت رياست“ مان ”انتهائي سخت رياست“ بڻائڻ جو منصوبو

اسلام آباد (منيب فاروق) رياستي ڍانچي اندر هڪ وڏي تبديلي جاري آهي، جتي موجوده سياسي حڪومت ظاهري طور مضبوط نظر اچي ٿي. شهباز شريف جي وزيراعظم طور هٽجڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي، پنجاب ۾ مريم نواز جي حڪومت کي سگهارو سمجهيو پيو وڃي ۽ ويجهي مستقبل ۾ ڪنهن ”سٺي خبر“ جو سياسي ڪريڊٽ نواز شريف کي ملڻ جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. مسلم ليگ (ن) جي اندر پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين جا حامي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جڏهن ته اڪثريت ان جي سخت مخالف آهي، انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اهم ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ طاقت جو اصل مرڪز تيزيءَ سان سياسي حڪومتن کان اسٽيبلشمينٽ ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان کي ”هارڊ اسٽيٽ“ مان ”انتهائي سخت رياست“ بڻائڻ جو هڪ جامع منصوبو موجود آهي. ان منصوبي جا اثر ايندڙ چار کان ڏهه مهينن اندر چٽا ٿيڻ شروع ٿي ويندا ۽ معاشري ۾ خوف ۽ دٻاءَ جي فضا وڌيڪ گهري ٿي سگهي ٿي. ان منصوبي تحت اهم مقررين، تسلسل ۽ تبديليءَ بابت فيصلا سڌي ريت فيلڊ مارشل ڪندو، جڏهن ته حڪومت جو ڪردار رڳو رسمي منظوري تائين محدود رهندو ۽ اهي ئي فيصلا ايندڙ ٽن کان پنجن سالن تائين ملڪ جي رخ جو تعين ڪندا.  ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف اڄڪلهه هڪ ئي وقت شديد اندروني ڏڦيڙ، سخت رياستي دٻاءَ ۽ غير يقيني سياسي مستقبل جي انتهائي نازڪ مرحلي مان گذري رهي آهي، صورتحال ۾ اهو اشارو ڏنو پيو وڃي ته جيڪڏهن فيبروري ۾ احتجاج جو باضابطا سڏ ڏنو ويو ته سهيل آفريدي تي وڌيڪ سخت پابنديون لاڳو ڪيون وينديون ۽ احتجاج جي اجازت ملڻ جا امڪان نه هئڻ جي برابر هوندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  اڱارو 06 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.