پيڪا سميت ميڊيا مخالف قانون ”طاقتورن“ ٺهرايا، بندش قبول ناهي\صحافي سياستدان

حيدرآباد (رپورٽ: حسيب لطيفي) روشن خيال قومپرست ۽ ترقي پسند پارٽين جي اڳواڻن ، صحافين ۽ انساني حقن لاء جدوجھد ڪندڙ کاھوڙِي ڪردارن پيڪا ايڪٽ سميت اظھار راء جي آزادي تي بندشن وارن ڪارن قانونن کي رد ڪندي منظم جدوجھد ھلائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي ميزباني هيٺ ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾  “ميڊيا جا قانون، ريگيوليشنز ۽ اخلاقيات” جي موضوع تي  جرنلسٽس ڪنوينشن ڪوٺايو ويو. جنھن ۾ مختلف سياسي، قومپرست، مذھبي جماعتن ۽ انساني حقن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي صدر افضل بٽ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته پيڪا ايڪٽ تحت صحافين ۽ عام ماڻهن خلاف قانوني ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن. هن چيو ته پي ايف يو جي پيڪا ايڪٽ ۾ اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافتي اخلاقيات بابت هاڪاري ترميم ڪرائڻ لاءِ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي  صحافين، سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي سميت وڪيل برادري سان گڏجاڻيون ڪري تجويزون طلب ڪري رهي آهي ته جيئن هن قانون جي غلط استعمال کي روڪڻ سان گڏ صحافت جي آزادي توڙي صحافين جي تحفظ کي قانوني طور تي تحفظ فراهم ڪرائي سگهجي. هن چيو ته جڏهن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پابنديون هنيون وينديون ته پوءِ ان جي جاءِ ڊجيٽل ميڊيا والاري رهي آهي ۽ ان جو ماڻهو غلط استعمال ڪندي صحافت کي بدنام ڪري رهيا آهن. پي ايف يو جي پهرين ڏينهن کان پيڪا ايڪٽ کي رد ڪيو هو، پر رڳو پيڪا  ايڪٽ کي رد ڪري چپ ڪري گهر ناهي ويهڻو، پي ايف يو جي پيڪا ايڪٽ خلاف احتجاج ڪيو ته حڪومت چوڻ تي مجبور ٿي ته اسان صحافين سان پيڪا ايڪٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهيون ٿا، پي ايف يو جي اهو فيصلو ڪيو ته صرف رد ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، سول سوسائٽي سان گڏ ويهي پنهنجو هڪ ڊرافٽ تيار ڪجي ۽ سياسي جماعتن آڏو پيش ڪيون. مشاورت جي اڄ شروعات آهي، پڄاڻي ناهي ٿي. اسان ڪنهن به صورت ۾ پيڪا ايڪٽ کي تسليم نه ڪنداسين. پي ايف يو جي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ارشد انصاري چيو ته حيدرآباد ۾ ڪنوينشن ميڊيا لاز ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ شروعات آهي، هن چيو ته سوشل ميڊيا بي لغام گهوڙو آهي، جنهن لاءِ رولز ۽ ريگيوليشن هجڻ  گهرجي، اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته اخلاقيات ڇا آهي، ان بابت اسان سڀني کي خبر  هجڻ گهرجي. هن چيو ته پي ايف يو جي اڳ به اهڙي قانون کي رد ڪري چڪو آهي، ايوانن آڏو به چيو هو ته قلم تي پابندين وارا قانون ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين. اسان اهڙي قانون ۾ بهتر ترميم ڪرائڻ لاءِ تجويزون گڏ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته حڪومت جيڪڏهن صحافين جي تجويزن ۽ ترميمن کي تسليم نه ڪيو ته پي ايف يو جي پنهنجي تحريڪ جو لائحه عمل طئه ڪندي ۽ روڊن تي نڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو.  پي ايف يو جي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر خالد کوکر چيو ته پيڪا قانون سڄي ملڪ جي عوام کي متاثر ڪندو، حڪومت مخالف يا طاقتور ڌرين جي عوام دشمن قدمن خلاف آواز اٿاريندڙ کي هن قانون تحت هر صورت سزا ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. پي ايف يو جي جي سينيئر اڳواڻ ناصر زيدي چيو ته ڪارن قانونن خلاف سياسي ڪارڪن توڙي صحافي روڊن تي احتجاج ڪندا رهيا آهن، پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو قانون جڙي ٿو اهو ملڪ جو قانون بڻجي وڃي ٿو. هن چيو ته صحافي زنده تاريخ لکندڙ هوندو آهي، ان ڪري صحافي کي پروفيشنل بنياد تي رپورٽنگ ڪرڻ گهرجي، اڄ جي صورتحال ۾ صحافت ۾ خود احتسابي ڪرڻ سان اسان کي پنهنجين خامين جي به خبر پوندي. پيڪا ايڪٽ جو هر نقطو پريس جي آزادي کي ختم ڪري ٿو. هن چيو ته ماڻهن کي خبر هجڻ گهرجي ته پي ايف يو پاليسي ڊاڪيومينٽس به تيار ڪري رهي آهي، جيڪو اسلام آباد نيشنل ڪنوينشن ۾ رکيو ويندو. نامياري صحافي ۽ پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ مظهر عباس چيو ته  مان هن قانون کي ميڊيا مخالف قانون سمجهان ٿو، هن ۾ ڪنهن به ترميم ڪرائڻ جي ضرورت نه آهي، هن قانون کي واپس ڪيو وڃي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ جيترا به ميڊيا مخالف قانون ٺهيا آهن، انهن جو مقصد ته صحافي اهو لکي جيڪو طاقتور چاهين ٿا، هن چيو ته صحافين کي هڪ چيلينج رياست کان، هڪ سياست کان ۽ هڪ چيلنج صحافت کي صحافت کان آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي پابنديون وڌائيندا  ته ڊجيٽل ميڊيا جاءِ والاريندي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي آزادي ڏني وڃي  ته ڊجيٽل ميڊيا تي اهي پاڻ ئي ڪنٽرول ڪندا. اشارو ملندو ته هٽائيندا، اسان جي رياست جيڪو نه ٿي سگهجي، هڪ آرٽيڪل انگريزي اخبار ۾ ڇپيو، جنهن مان اهو آرٽيڪل چند سو پڙهن ها، پر جڏهن اهو ڊليٽ ٿيو ته لکين ماڻهن پڙهيو، هن چيو ته پابندي بنيادي طورو آزادي کي جنم ڏيندي آهي، هن چيو ته اسان کي سڀ کان پهرين آرٽيڪل 19 ۾ ترميم ڪرڻ گهرجي. ناليواري صحافي ۽ پي ايف يو جي جي جي مرڪزي اڳواڻ اقبال ملاح چيو ته سنڌ برصغير جي اها ڌرتي آهي، جتي مزاحمت جنم وٺندي آهي، اڄ صرف سنڌ نه پر پاڪستان جي سياست ۾ سنڌ جي صحافين جو اهم ڪردار آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته 77 سالن کان رياستي حڪمرانن عوامي طاقت جو اندازو لڳائي ورتو آهي، هو ڄاڻن ٿا ته ڪهڙا حلقا مزاحمت ڪري سگهن ٿا ۽ اسان جي ڳالهه نه مڃيندا. هن چيو ته هي ملڪ گهڻ قومي ملڪ هجڻ ڪري هتي نسلي، مذهبي، قومي ۽ جمهوري مسئلا موجود آهن ۽ اهي مسئلا حڪمران طبقن جا پيدا ڪيل آهن. هن چيو ته جدوجهد سياسي جماعتن کي ئي ڪرڻي هوندي آهي. هن چيو ته صحافين هر دور ۾ مزاحمت ڪئي آهي،جبر جو نظام ۽ قانون عوامي جدوجهد جي اڳيان بيهي نٿو سگهي . جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته پيڪا ايڪٽ بنيادي انساني آزادين جي خلاف آهي، هن چيو ته اڄ ڏينهن تائين هيءَ رياست روشني کان ڊڄي ٿي، سچ نٿا ٻڌڻ چاهين ٿا، سياسي اڳواڻن ۽ صحافين کي مارايو وڃي ٿو، مذهبي جنونيت کي هٿي ڏئي ماڻهن کي ڪوڙن الزامن ۾ ماريو ويو. هن چيو ته انصاف ۽ قانون جي ڳالهه ڪجي ته سائين جي ايم سيد، خان غفار خان، نواب خير بخش مري غدار قرار ڏنا ويا. هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم جي ذريعي ماڻهن کي ڊيڄاريو ويو آهي، موجوده پارليامينٽ مڪمل طور تي ماضيءَ جيان اڄ به جعلي آهي، حڪمران طبقن وٽ چائنا ماڊل آهي، هي چاهين ٿا ته بلوچن ۽ سنڌين کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته سياست ۽ ميڊيا جو مڪمل بليڪ آئوٽ آهي. هن چيو ته سنڌ جي روشن خيال قومپرست قيادت صحافين جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ گڏ رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به صحافين سان گڏ رهندي. سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو چيو ته ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هتي رڳو تجربا ڪيا ويا آهن، آئين جي بانين جن اظهار راءِ جي آزادي جي لاءِ آرٽيڪل شامل ڪيو انهن ئي ان آرٽيڪل جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ به سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين نشانو بڻايو پيو وڃي، سياسي ڪارڪن جيلن ۾ واڙيل آهن، جن جي ملاقات بند آهي، صحافين تي ڪيس داخل ٿين ٿا ۽ کين گرفتار ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪنٽرولڊ صحافت، ڪنٽرولڊ جمهوريت ۽ ڪنٽرولڊ پارليامينٽ جي لاءِ ڪارا قانون جوڙي ترميمون ڪيون پيون وڃن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته 26 هين ترميم کان ويندي ايس آءِ ايف سي تائين سمورن عوام دشمن قانونن ۽ منصوبن  جو خاتمو چاهيون ٿا. هن چيو ته پيڪا ايڪٽ نواز شريف آندو ۽ ان کي وڌيڪ سخت عمران خان جي حڪومت ۾ ڪيو ويو، اسان سمجهون ٿا ته سمورا قانون سنڌ جو آواز دٻائڻ ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ جوڙيا پيا وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون نيلام ڪيون ويون آهن. اسان پيڪا ايڪٽ کي رڳو صحافين جي خلاف نٿا سمجهون پر پيڪا ايڪٽ مظلوم قومن جو آواز دٻائڻ جي لاءِ آهي. عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ بخشل ٿلهو چيو ته پيڪا ايڪٽ ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ تي مڪمل پابندي مڙهي وئي آهي، پيڪا ايڪٽ ۾ هاڻ ترميم ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ بدران اهو سوال ڪيو وڃي ته صحافين سان ڳالهائڻ ۽ مشاورت ڪرڻ بنا اهو قانون ڪيئن آندو ويو آهي. هن چيو ته صحافين خلاف سڄي دنيا ۾ قانون جڙندا رهيا آهن، پيڪا ايڪٽ کي رڳو قانوني جنگ تائين نه رکيو وڃي، اسان کي عوام ڏانهن ڏسڻ ۽ عوام جي زبان بڻجڻ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان قريشي جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پيڪا ايڪٽ خلاف صحافين جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ هونداسين، جيستائين توهان ڪارن قانونن خلاف جدوجهد ڪندي انڪار ڪندا رهندا اسان توهان سان گڏ رهنداسين. اسان صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکون ٿا. سياسي اڳواڻ اڪرم قائمخاني چيو ته صحافين ۽ اظهار راءِ جي آزادي خلاف جڙندڙ قانونن جي خاتمي تائين جدوجهد جو رستو ناهي ڇڏڻو، صحافين کي باخبر هجڻ گهرجي، نعريبازي سياسي جماعتن جو ڪم آهي، صحافي هڪ قانون جي مقابلي ۾ متبادل قانون جي تجويز ڪري سگهن ٿا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير حافظ طاهر مجيد چيو ته مظلومن جو آواز بڻجندڙ صحافي هاڻ پاڻ مظلوم ٿي ويا آهن، آزاد صحافت ختم ٿي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪجهه ڌرين ۽ شخصيتن کي طاقتور بنائڻ جي لاءِ قانون جڙندا ۽ آئين ۾ ترميمون ٿينديون رهيون آهن. هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم ٿي وئي، هاڻ 28 هين ترميم جي ذريعي 73ع جي سڄي آئين کي ويڙهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ڪنوينشن کي پي ايف يو جي جي مرڪزي اسسٽنٽ سيڪريٽري جاويد اصغر چوڌري چيو ته موجوده حڪومت صحافين سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ويو آهي اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، اهو سڀ ڪجهه آمرن جي دور ۾ به ٿيندو رهيو آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد پيڪا ايڪٽ جو خاتمو آهي، هن ڪنوينشن ۽ ٻين فورمن تان آيل تجويزن جي روشني ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي ڪنوينشن جدوجهد جو روڊ ميپ جوڙينداسين. نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ تاج مري چيو ته پيڪا ايڪٽ سميت ٻيا ڪيترائي قانون پورهيتن ۽  مظلوم  قومن جو آواز دٻائڻ جي لاءِ جوڙيا ويا آهن، حڪمران نٿا چاهين ته ڪو به آواز اٿي نه سگهي، اسان پيڪا ايڪٽ سميت هر عوام دشمن قانون کي رد ڪريون ٿا، صحافتي تنظيمون سياسي جماعتن سان گڏجي تحريڪ شروع ڪن. سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته جنهن پارليامينٽ پيڪا ايڪٽ آندو آهي اها پارليامينٽ بنا ڪنهن دٻاءُ جي اهو قانون واپس نه وٺندي، ان پارليامينٽ ۾ ويٺل سردارن ۽ وڏيرن جا هٿ سنڌ جي صحافين جي رت ۾ ٻڏل آهن، اهي نٿا چاهين ته هن ملڪ جو عوام پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاري سگهن. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ غفرانه آرائين چيو ته پيڪا ايڪٽ جي ڪري ايڇ آر سي پي جا خدشا آهن ته تحقيقاتي صحافت تي پابندي لڳندي، حڪومت مخالف هر خبر کي آساني سان غلط ۽ ڪوڙ قرار ڏنو ويندو. ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته پيڪا ايڪٽ کي بنا دير معطل ڪيو وڃي، صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ حسين مسرت شاهه چيو ته پيڪا ايڪٽ آمرن جو جوڙيل قانون آهي، اهڙا قانون انسان کان آزادي کسين ٿا، ان ڪري اهڙا قانون عوامي جدوجهد جي ذريعي ضرور ختم ٿيندا. پيڪا ايڪٽ آڻيندڙ عوام ۽ انهن جي اٿندڙ آوازن کان ڊڄن ٿا.  ڪنوينشن کي ڪميونٽي ڊولپيمينٽ فائونڊيشن جي صدر جان اوڍاڻو، ايڇ يو جي صدر وسيم خان، جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ايڇ يو جي جي سينيئر اڳواڻ جئي پرڪاش موراڻي ميڊيا قانون بابت پريزنٽيشن پيش ڪئي. تقريب ۾ پي ايف يو جي جي مرڪزي اڳواڻ لالا رحمان سمون، حيدرآباد پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اشوڪ شرما، ايڇ يو جي اڳواڻن منصور مري، جاني خاصخيلي، ولي محمد لنڊ، عرفان برفت، شفيع محمد جوڻيجو، خدا بخش بروهي، رجب بوزدار، شبير ڀٽي، الطاف ميمڻ، حيدرآباد جي صحافين ۽ ايڇ يو جي جي سينيئر ميمبرن اعجاز لغاري، نياز وگهيو، وفا رضا، ونود ڪمار، فاضل چنا، فيصل ڏاهري، جان علي لغاري، حسيب لطيفي، راشد لغاري، شاهنواز خاصخيلي، مقبول ملاح، عتيق ملاح سميت سڄي سنڌ مان صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.