ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ ڏورانديش، ڪرشماتي ۽ عوام دوست اڳواڻ هو جنهن پاڪستان جي سياسي، آئيني ۽ دفاعي تاريخ کي نئين رخ ڏنو. پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير ضلعي ايسٽ جي منتظمن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين جي سالگرهه تي ڪارڪنن ۽ حمايتين کي مبارڪباد ڏني، تقريب ۾ صوبائي وزير محنت سعيد غني، سينيٽر وقار مهدي سوڌو ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا، سيد مراد علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ ان وقت ڪنهن کي به اندازو نه هو ته اهو ٻار مستقبل ۾ اهڙو عظيم اڳواڻ بڻجندو جنهن جون خدمتون نسلن تائين ياد رکيون وينديون، شاگردي جي دور ۾ به شهيد ڀٽو قائداعظم محمد علي جناح کي خط لکي ملڪ لاءِ قرباني ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو، وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ به شهيد ڀٽو کلي عام چيو هو ته هو پاڪستان لاءِ پنهنجي جان، بلڪه پنهنجن ٻارن جي قرباني ڏيڻ لاءِ به تيار آهي. مراد علي شاهه ڀٽو خاندان جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جمهوريت ۽ عوامي حقن جي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي. شهيد ڀٽو جي تاريخي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته هن ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏنو، مشرقي پاڪستان جي جدائي کانپوءِ 90 هزار جنگي قيدين جي آزادي يقيني بڻائي، ٿرپارڪر جي معاشي صلاحيت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان جي دفاعي بنيادن کي مضبوط ڪيو، اڄ پاڪستان جون هٿياربند فوجون مضبوط دفاعي صلاحيتون رکن ٿيون، جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪمت عملي جو نتيجو آهي، 1977ع جي سياسي حالتن جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته شهيد ڀٽو خلاف تحريڪ انهن قوتن جي سهڪار سان هلائي وئي جيڪي ڪنهن به مسلمان ملڪ کي مضبوط ۽ متحد ڏسڻ نٿي چاهيو، تقريب کي صوبائي وزير سعيد غني ۽ سينيٽر وقار مهدي به خطاب ڪيو جڏهن ته آخر ۾ وڏي وزير ٻين اڳواڻن سان گڏ پارٽي باني جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو.