جڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن جو سياسي اختلاف قبائلي دشمنيءَ ۾ بدلجي وڃي ٿو ته پوءِ پرڏيهي طاقتن لاءِ ڪم آسان ٿي وڃي ٿو۔ اهي طاقتون سڌي يا اڻ سڌي نموني رجيم چينج وسيلي ڪنهن ملڪ جي اندرين معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ پوءِ اتي قدرتي وسيلن جي لُٽ شروع ٿي وڃي ٿي۔ وينزويلا ۾ ريجيم چينج آپريشن جو خطرو سڀني کي نظر اچي رهيو هو، پر وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي اهو نظر نه آيو۔ هن پنهنجي ملڪ جي نوبل انعام يافته اپوزيشن ليڊر ماريا ڪورينا مچادو تي پرڏيهي سفر جي پابندي لڳائي هئي، پر ڊسمبر 2025ع ۾ ماريا سمنڊ جي رستي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي۔ هن ڊرامائي فرار جو مطلب اهو هو ته هاڻي صدر مادورو جي خير ناهي، پر هو ضرورت کان وڌيڪ اعتماد جو شڪار هئا۔ هو وساري ويٺا هئا ته 1989ع ۾ پاناما جي ڊڪٽيٽر جنرل نوريگا کي به آمريڪا هڪ فوجي آپريشن وسيلي گرفتار ڪري ميامي جي عدالت ۾ مقدمو هلائي سزا ڏني هئي۔ نوريگا ڪنهن زماني ۾ سي آءِ اي لاءِ ڪم ڪندو هو، پر جڏهن هو خودسر ۽ ضدّي بڻجي ويو ته آمريڪا کيس سزا ڏيڻ لاءِ پنهنجا ٻه درجن فوجي قربان ڪيا۔
آمريڪا عراق جي صدر صدام حسين کي ڪيترن سالن تائين ايران خلاف استعمال ڪيو ۽ پوءِ مٿس ڪوڙا الزام هڻي 2003ع ۾ ريجيم چينج آپريشن وسيلي هٽائي ڇڏيو۔ 2011ع ۾ ليبيا جي صدر معمر قذافي سان به ساڳيو حشر ٿيو۔ ماريا ڪورينا مچادو جي وينزويلا مان فرار ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي ميڊيا ۾ خبرون اچڻ لڳيون ته ايران وينزويلا ۾ هڪ نيوي بيس حاصل ڪري ورتو آهي ۽ وينزويلا ايران کان ”مهاجر سڪس“ نالي ڊرون جهاز خريد ڪيا آهن۔ ٻي پاسي ماريا ڪورينا مچادو وينزويلا جي صدر مادورو جا ايران سان گڏ حزب الله ۽ حماس سان به لاڳاپا جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي۔ صدر مادورو ۽ سندس زال جي اغوا تي پنهنجي ردعمل ۾ ماريا چيو ته وينزويلا تي ته اڳ ئي ايران، حزب الله ۽ حماس قبضو ڪري رکيو هو۔
صدر مادورو 2015ع ۽ وري 2022ع ۾ ايران جو دورو ڪيو هو۔ وينزويلا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن مان هڪ آهي، پر هيوگو شاويز جي دور کان عالمي پابندين هيٺ آهي۔ هيوگو شاويز 2006ع ۾ لبنان تي اسرائيلي بمباري کان پوءِ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا محدود ڪيا ۽ 2009ع ۾ غزا تي اسرائيلي حملي کان پوءِ اسرائيلي سفير کي وينزويلا مان ڪڍي ڇڏيو۔ 2013ع ۾ سندس وفات کان پوءِ مادورو صدر بڻيو۔ 2025ع ۾ جڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا گڏجي ايران تي حملو ڪيو ته ايران جوابي ڪاررواين ذريعي اسرائيلي فوجي طاقت جو ڀرم ٽوڙي ڇڏيو۔ ان جنگ کان پوءِ وينزويلا ايراني ميزائلن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو۔ وينزويلا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ فوجي سهڪار آمريڪا لاءِ خطرو هو، ڇو ته وينزويلا ۽ آمريڪا وچ ۾ گهڻو فاصلو ناهي۔
صدر مادورو جي ايران سان وڌندڙ لاڳاپن کان پوءِ آمريڪي ميڊيا ۾ سندس ڊرگ مافيا سان رابطن جون ڪهاڻيون سامهون آيون ۽ 2025ع ۾ سندس گرفتاري تي انعام جي رقم 25 ملين ڊالر کان وڌائي 50 ملين ڊالر ڪئي وئي۔ هاڻي ذرا سوچيو ته جنهن شخص جي مٿي تي 50 ملين ڊالر جو انعام مقرر هو، ان کي آمريڪي ڪيتري آسانيءَ سان صدارتي محل مان کڻي ويا۔ اسامه بن لادن جي مٿي تي 25 ملين ڊالر جو انعام هو، جنهن کي آمريڪي فوج پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد مان کڻي وئي۔ جڏهن ته صدر مادورو سمجهندو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ سندس خلاف اهڙو آپريشن نٿو ڪري سگهي، جهڙو پاناما ۾ جنرل نوريگا يا ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن خلاف ڪيو ويو۔
صدر مادورو جو خيال هو ته انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي، پر ان جي باوجود ٽرمپ هن اشتہاري مجرم سان ملاقاتون ڪري ٿو ۽ ساڻس گڏ ميڊيا ٽاڪ به ڪري ٿو۔ مادورو سمجهندو هو ته نتن ياهو جهڙي اشتہاري مجرم جي دوستيءَ تي فخر ڪندڙ ٽرمپ مٿس هٿ نه وجهندو، پر مادورو احمقن جي جنت ۾ رهندو رهيو۔ ٽرمپ هن کي زال سميت صدارتي محل مان اغوا ڪري نيو يارڪ پهچائي ڇڏيو آهي۔ هاڻي نيو يارڪ جي عدالت ۾ سندس مقدمو به هلندو ۽ سزا به ملندي۔ نيو يارڪ جي ميئر ظفران ممداني جي مخالفت به کيس بچائي نه سگهندي۔
چين، روس، برازيل، ڪيوبا ۽ ايران سميت ڪيترن ملڪن وينزويلا ۾ هن ريجيم چينج آپريشن کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي، پر آمريڪا اهڙو ئي هڪ ٻيو آپريشن ايران ۾ به ڪرڻ چاهي ٿو۔ ڪجهه اطلاعن موجب آمريڪا اهڙو ئي منصوبو افغانستان لاءِ به تيار ڪري رکيو آهي، جيڪو ايران ۾ ڪاميابي کان پوءِ عمل ۾ آندو ويندو۔ اصل ڳالهه اها آهي ته وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو گذريل سال ٿيندڙ چونڊن ۾ ماريا ڪورينا مچادو کي حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني۔ چونڊن ۾ کليل ڌانڌلي ٿي، جنهن کان پوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي سياسي ويڙهه ۾ آمريڪا کي مداخلت جو موقعو ملي ويو۔
ظاهري طور آمريڪا وينزويلا جي صدارتي محل مان اهڙو شخص کنيو آهي، جنهن جي مٿي تي 50 ملين ڊالر جو انعام هو، پر سڀ ڄاڻن ٿا ته آمريڪا جو اصل هدف وينزويلا جا تيل جا ذخيرا آهن۔ ريجيم چينج کان پوءِ اهي ذخيرا آمريڪي آئل ڪمپنين جي قبضي ۾ اچي چڪا آهن۔ وينزويلا کان پوءِ هاڻي ايران جو وارو آهي، جنهن خلاف آمريڪي آپريشن ۾ اسرائيل به شامل هوندو۔ روس ۽ چين خاموش نه رهندا ۽ دنيا وڏي جنگ جي خطري کي منهن ڏيندي۔
پاڪستان لاءِ تيزيءَ سان بدلجندڙ عالمي سياست ۾ هڪ ئي وقت آمريڪا ۽ چين کي خوش رکڻ ڏکيو ٿيندو۔ پاڪستان ٽرمپ جي غزا امن پلان لاءِ پنهنجي فوج موڪلڻ لاءِ تيار ناهي۔ ايران خلاف ريجيم چينج آپريشن ۾ به پاڪستان اهم هوندو۔ پاڪستان کي اهڙن ڪنهن به ايڊونچرن کان پري رهڻو پوندو، جيڪي ملڪ اندر نفرتن جي باهه ڀڙڪائين۔ جيڪڏهن پاڪستان ٽرمپ جي ايڊونچرز جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪندو ته پاڪستان خلاف نيون سازشون به شروع ٿي سگهن ٿيون۔ تنهن ڪري پاڪستان کي پنهنجي داخلي استحڪام تي ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي۔
پاڪستان ۾ سياسي نفرتون ۽ ورهاست خطري جون سڀئي ريڊ لائينون پار ڪري چڪيون آهن ۽ حڪومت جي مخالفن مان ڪنهن لاءِ به ڪنهن ”ماريا ڪورينا مچادو“ کي ڳولڻ مشڪل نه هوندو۔ اهڙين حالتن ۾ رانا ثناءُ الله پاڪستان جي پنجن وڏن اڳواڻن ۾ اعتمادسازي لاءِ قدمن جي تجويز ڏني آهي۔ سندس چوڻ آهي ته صدر زرداري هن تجويز جا حامي آهن، پر اطلاعن موجب صدر زرداري في الحال عمران خان سان مفاهمت لاءِ تيار ناهي ۽ خان صاحب به صدر ۽ وزيراعظم سان مفاهمت تي راضي ناهن۔ سياسي اختلافن جو قبائلي دشمني بڻجي وڃڻ وڏي بدقسمتي آهي۔ پاڪستان جي حڪومت ۽ اپوزيشن کي وينزويلا جي حالتن مان سبق سکڻ گهرجي۔