وينزويلا کانپوءِ ايران جو وارو؟بلوچستان جو ذڪر ڪرڻ ڳڻتي جوڳو؟

لاهور(معظم فخر)وينزويلا ۾ آمريڪي ڪارروائي تي ڪيترائي سنجيده سوال اٿاريا پيا وڃن۔هي صورتحال واضح اشارو ڏئي رهي آهي ته آمريڪا جو هي قدم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ بين الاقوامي ميڊيا ادارن، خاص طور تي معتبر عالمي ميڊيا، کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ٿيو،انهيءَ پس منظر ۾ هڪ پاسي آمريڪي ڪارروائي جي سخت مذمت ۽ مخالفت سامهون اچي رهي آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ٿنڪ ٽينڪس اشارو ڏئي رهيون آهن ته وينزويلا رڳو شروعات آهي،پڄاڻي ناهي،انهن حلقن جو خيال آهي ته وينزويلا کان پوءِ اهي ملڪ، جيڪي آمريڪا لاءِ ناپسنديده آهن، هاڻي انهن جو وارو اچڻ وارو آهي، ان حوالي سان کلي نموني چيو پيو وڃي ته اڳيون ٽارگيٽ ايران آهي،۽ ايران ۾“رجيم چينج”جي تيارين بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن،وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته آمريڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ ٿنڪ ٽينڪس سان لاڳاپيل اهم شخصيتون ايران جو ذڪر ڪندي بلوچستان جو حوالو به ڏئي رهيون آهن۔بلوچستان جو نالو اچڻ پاڪستان لاءِ يقيني طور تي وڏي ڳڻتي جو نقطو آهي،سوال اهو آهي ته بلوچستان جو ذڪر ڇو پيو ڪيو وڃي؟نيو يارڪ ٽائمز  حملي کي غيرقانوني قرار ڏنوگارڊين اخبار گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل ڀڃڪڙي ٽائيم ميگزين لکيو ته آمريڪا عراق مان سبق وساري ڇڏيو آهي،آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ سي آءِ اي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر مائيڪ پومپيو هن بحث ۾ مرڪزي ڪردار بڻجي ويو آهي۔پومپيو سوشل ميڊيا تي لکيو ته ايران جو رجيم لڏي رهيو آهي،مشهد، تهران، زاهدان ۾ مظاهرا،نيڪسٽ اسٽاپ بلوچستان آهي، هن پوسٽ ۾ “هر موساد ايجنٽ کي نئون سال مبارڪ” جهڙو جملو شامل هو، انهيءَ جو مطلب آهي ته ايران کي اندروني طور ڪمزور ڪرڻ سان پاڪستان تي به اڻ سڌي ريت دٻاءُ پوندو،بلوچستان جو ذڪر ايران ۽ پاڪستان ٻنهي لاءِ خبردار ڪندڙ سگنل آهي خطو نئين خطرناڪ ڇڪتاڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  سومر 05 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.