ايران ۾ مهانگائي خلاف مظاهرا 40 شهرن تائين پکڙجي ويا

تهران (م ڊ) ايران ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا تهران مان شروع ٿي ملڪ جي 40 شهرن تائين پکڙجي ويا آهن. سرڪاري رپورٽن موجب گذريل ڏينهن ٿيندڙ مظاهرن دوران 4 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته هڪ هفتي کان جاري احتجاج ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن سميت مجموعي طور 12 ڄڻا حياتي وڃائي چڪا آهن. احتجاجي لهر سبب ڪيترن شهرن ۾ شهرين کي انٽرنيٽ سروس ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ايراني وزير اطلاعات ۽ مواصلات ستار هاشمي صحافين کي ٻڌايو ته آچر ڏينهن ايران پنهنجيتاريخ جي سڀ کان وڏي سائبر حملي مان هڪ کي ناڪام بڻايو، جنهن سبب انٽرنيٽ بينڊوٿ گهٽجڻ جو امڪان آهي. ٻي طرف ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنا اي هڪ بيان ۾ ملڪ جي معاشي مشڪلاتن ۽ ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي جو ذميوار ٻاهرين دشمنن کي قرار ڏنو. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي جي جواب ۾ چيو ته ايران ڪڏهن به دشمن آڏو نه جهڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.