شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگره اڄ ملهائي ويندي

نئون ديرو (رپورٽ: محمد علي جروار) پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98 هين سالگره اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت، احترام ۽ سادگي سان ملهائي ويندي، سالگرا جي موقعي تي مزار سامهون سامهون قرآن خواني ڪري مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي اجتماعي دعا گهري ويندي، هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرا جي موقعي تي پيپلز ڊاڪٽر فورم ۽ زيبسٽ فائونڊيشن طرفان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو اسپتال ۾ ٽن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، نئون ديرو سميت ڀرپاسي جي علائقن مان ڪئمپ تي ايندڙ مريضن کي تپاسي مفت دوائون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ اکين جا بغير ٽاڪي وارا آپريشن ڪري لينس لڳايا ويا، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت ابڙو ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت جي جذبي ۽ صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي، غريب، بي پهچ ۽ مستحق ماڻهن لاءِ خصوصي اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي، ٻن ڏينهن ۾ 900 مريضن کي مفت دوائون فراهم ڪرڻ سان گڏ 69 ماڻهن جا آپريشن ڪري لينس لڳايا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.