ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان ادارو نورِ حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي قانونن کي لتاڙيندي وينزويلا جي صدر ۽ سندس گهرواري تي سندن رهائشگاهه تي حملو ڪري کليل دهشتگردي ڪئي آهي. هن چيو ته آمريڪا هاڻي زوال طرف وڃي رهيو آهي ۽ خود آمريڪا اندر به ٽرمپ خلاف ردعمل سامهون اچي رهيو آهي، پر افسوس جو پاڪستان جي حڪومت طرفان ان معاملي تي ڪو به واضع بيان نه آيو آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستاني فوج کي ڪنهن به صورت ۾ غزه نه موڪليو وڃي، ڇو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته فوج کي اسرائيل سان نه پر حماس جي مجاهدن سان منهن ڏيڻو پوندو، جيڪو ڪنهن به صورت قبول ناهي. ملڪي معاملن تي ڳالهائيندي هن چيو ته ادارن کي وڪرو ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو ته منافعي وارا ادارا ڇو وڪرو ڪيا ويا. سنڌ جي صورتحال ڏسي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي جي مردم شماري ۾ مسلم ليگ (ن)، پي ٽي آءِ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ملي ڪري ڪراچي جي اڌ آبادي گهٽ ڏيکاري. هن الزام هنيو ته صوبائي حڪومت 3360 ارب رپيا هڙپ ڪري وئي آهي. 21 سال گذرڻ باوجود پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي ڪي فور منصوبو مڪمل نه ڪري سگهيا آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جو رشتو اهڙو آهي جو جڏهن سياسي نقصان ٿيندو آهي ته مصنوعي ويڙهه شروع ڪري ڏيندا آهن، پر عوام ٻنهي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي دشمن جماعت آهي، جنهن کي ڪراچي مان ووٽ نٿا ملن، ان ڪري ڪراچي سان دشمني ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو مشن ڪراچي کي موئن جو دڙو بڻائڻ آهي. بلدياتي نظام بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي 2012 کان افتتاح ٿي رهي آهي پر اڄ تائين هلائي نه وئي آهي، ايس ٿري منصوبو 18 سالن کان نامڪمل آهي. واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي ذميواري قابض ميئر تي عائد ٿئي ٿي، گٽرن جا ڍڪ ۽ سيوريج مسئلا حل ڪرڻ سندس سڌي ذميواري آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جا ٽائون چيئرمين جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن، ان تي قابض ميئر کي شڪرگذار ٿيڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عوام جو اعتماد جمهوريت تان ختم ٿيو ته ان جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. پريس ڪانفرنس ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان، نائب امراءِ ڪراچي سيف الدين ايڊووڪيٽ، راجا عارف سلطان، سليم اظہر، سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد فاروق، سيڪريٽري اطلاعات زاهد عسڪري، ڊائريڪٽر ميڊيا سيل ڪراچي صهيب احمد سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.