ڪراچي/ڄامشورو/ سيوهڻ (نمائندن وٽان) سيوهڻ ڀرسان چانڊيا ۽ برھماڻي برادري وچ ۾ سڱاوتي تڪرار وارو معاملو شدت اختيار ڪري ويو، دادو جي چانڊيا برادري جي ھٿياربندن پاران سيوھڻ مان اغوا ڪيل ٽن عورتن جي اغوا جو ڪيس پوليس 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود داخل نه ڪيو، ايس ايس پي جي نوٽيس کان پوءِ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته سيوھڻ ويجھو ڳوٺ جان محمد ڀٽي جي نوجوان پاران ڪجهه وقت اڳ دادو ضلعي جي برھماڻي برادري جي ناري سان پسند جي شادي بعد ٻنهي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تيز ٿي ويو جنهن بعد دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ چانڊيا برادري جي ھٿياربندن سيوھڻ جي ڳوٺ جان محمد برھماڻي ۾ مخالف ڌر جي گھرن تي چڙھائي ڪري فائرنگ ڪري ھڪ ڄڻي امتياز برھماڻي کي زخمي ڪرڻ بعد برھماڻي برادري جي 3 عورتن ثمينا، سونيا ۽ نغما برھماڻي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جو ڪيس ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس داخل نه ٿي سگهيو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت اڳ نوجوان گلزار برھماڻي چانڊيا برادري جي ناريءَ سان پسند جي شادي ڪئي ھئي جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تيز ٿي ويو، ٻئي طرف اھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوف جي لھر ڇائنجي وئي ۽ ڪنهن بعد وقت وڌيڪ جھيڙي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا پاران سيوھڻ مان 3 عورتن جي اغوا ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪندي چانڊيا برادري جي ٻن ڄڻن مٺل چانڊيو ۽ شرجيل چانڊيو کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آهي، پوليس موجب اغوا ٿيل عورتن جي بازيابي لاءِ پوليس ڪارروايون ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ٽن عورتن جي اغوا ۽ هڪ شخص جي زخمي ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجر ايس ايس پي ڄامشورو کان واقعي بابت فوري ۽ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، هن هدايت ڪئي آهي ته اغوا ٿيل عورتن کي جلد آزاد ڪيو وڃي ۽ زخمي شخص کي فوري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هن چيو ته واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف قانون مطابق سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.