ڏيپلو ڀرسان بااثر فصل ۾ پوڻ تان پورهيت جي ڳئون کي ماري ڇڏيو

ڏيپلو ( رپوٽ: ساگر ڏيپلائي) ڏيپلو ڀرسان ظلم جي انتها، بااثر شخص غريب پوهيت جي ڳئون کي لٺين ۽ ڪهاڙين جا ڌڪ هڻي ماري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ ونگڙ ۾ دل ڏکائيندڙ واقعو پيش آيو  آهي، جتي بااثر شخص هيرو ٺڪر مبينا طور غريب پوهيت نديم پاڙهو جي سُئا ڳئون کي بي رحمي سان ڊوڙائي ڊوڙائي لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري ماري ڇڏيو، متاثر نديم پاڙهو موجب ڳئون جهنگ ۾ ويل هئي جيڪا بااثر شخص هيرو ٺڪر جي زمين ۾ پيل گوار جي ڪالر (واڙ) ۾ داخل ٿي وئي، جنهن تي بااثر شخص وحشياڻو تشدد ڪري بي زبان جانور کي ماري ڇڏيو. نديم جو چوڻ آهي ته آئون غريب مسڪين ماڻهو آهيان، اها هڪ ئي سُئا ڳئون هئي، جيڪا ظالم انسان ظلم ڪندي ماري ڇڏي، مون غريب سان انصاف ڪيو وڃي، اهڙي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سخت غم ۽ ڪاوڙ ڇانيل آهي، شهري حلقن ۽ سماجي ماڻهن سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايس پي ٿرپارڪر واقعي جو فوري نوٽيس وٺي، ڇو ته ٿر ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول بڻجڻ انتهائي افسوسناڪ آهن، عوام انتظاميا کان اپيل ڪري ٿو ته بااثر ڏوهاري خلاف بنا دير سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن بي زبان جانورن ۽ غريب ماڻهن سان ٿيندڙ ظلمن جو حساب ٿي سگهي. ٻئي پاسي اطلاع موجب بااثر شخص هيرو ٺڪر پورھيت نديم پاڙھو وٽ پهچي ويو.

گهوٽڪي ۾ بااثر فصل ۾ وڃڻ تان رڍ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي

گهوٽڪي (ت ر)گهوٽڪي ۾ بااثر شخص فصل ۾ وڃڻ تي رڍ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي، مالڪ جو بااثر خلاف احتجاج، گهوٽڪي جي آفتاب ڪالوني ۾ بااثر شخص پورهيت جي رڍ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي، رڍ جي مالڪ سڄڻ شر ۽ خادم شر زخمي رڍ کي کڻي گهوٽڪي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو،ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته بااثر شخص ٻانهو سانگي گاهه کائڻ جي الزام هيٺ ڪهاڙي جا وار ڪري رڍ جي ڄنگهه ڪٽي  ڇڏي آهي، واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڪيو ويو پر پوليس طرفان ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، هنن جو چوڻ هو ته هڪ رڍ گاهه کائڻ لاءِ بااثر شخص جي زمين ۾ هلي وئي هئي، جنهن تي هن ظلم ڪندي رڍ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي آهي، وس وارن کي اپيل آهي ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.