اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ تيار آهيان، عاصم منير سان ضرور ملندس: ڪي پي جو وڏو وزير

پشاور) ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني چيئرمين عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين بابت کيس ڪا هدايت ناهي ڏني، پر هو صوبائي معاملن تي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهه ٻولهه ۽ لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ هو تيار آهي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي پشاور ۾ سينيئر صحافين سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين بابت پي ٽي آءِ باني کيس نه چيو آهي، جڏهن ته ڳالهين جو ٽاسڪ محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس حوالي ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته هو اسٽيبلشمينٽ سان صوبائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ۽ لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني سان سندس ملاقات نه پئي ڪرائي وڃي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هئڻ گهرجي ۽ ڊرون حملا بند ٿيڻ گهرجن.
سهيل آفريدي ٻڌايو ته حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ اهڙي پاليسي جوڙڻ گهرجي جيڪا عوامي مفادن موجب هجي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪا تقريب يا گڏجاڻي ٿي ته هو فيلڊ مارشل عاصم منير سان ضرور ملاقات ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.