ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) پاڪستان سان هوم سيريز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مارچ 2026ع ۾ ون ڊي ميچن ۽ مئي ۾ ٽيسٽ سيريز لاءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي.
بي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون 12 مارچ کان 16 مارچ تائين کيڏيون وينديون.
شيڊيول موجب، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ 12 مارچ، ٻي 14 مارچ ۽ ٽِين 16 مارچ تي کيڏي ويندي، جڏهن ته سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم 9 مارچ تي بنگلاديش پهچندي.
پاڪستان ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ رٿيل ٻئي ٽيسٽ ميچون ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ جو حصو آهن، پهريون ميچ 8 مئي ۽ ٻي 16 مئي کان شروع ٿيندي، ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم 4 مئي تي بنگلاديش رواني ٿيندي.
بي سي بي پڌرائي موجب، پاڪستان سان ون ڊي ۽ ٽيسٽ سيريز جي وينيوز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.
You might also like