جي ميل ايڊريس مٽائڻ چاهيو ٿا؟ ڊيٽا محفوظ به رهندي، طريقو ڄاڻيو

گوگل آءِ ڊي جي ميل واهپيدارن لاءِ هڪ اهم اپڊيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
گوگل اڪائونٽ هولڊرز هاڻي پنهنجو پرائمري ”@gmail.com“ اي ميل ايڊريس پنهنجي موجودا اڪائونٽ ايڊريس ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا.
نئين فيچر جي سٺي ڳالهه اها آهي ته اڪائونٽ ايڊريس تبديل ٿيڻ جي باوجود سمورو ڊيٽا برقرار رکي ويندي، يعني واهپيدار جي ڊيٽا محفوظ رهندي، ڇو ته ٽيڪ ديو گوگل هن فيچر جو مرحليوار (هوريان هوريان) رول آئوٽ شروع ڪيو آهي.
يعني جڏهن واهپيدار نئين جي ميل آءِ ڊي تي سوئچ ڪندو ته محفوظ ڪيل ڊيٽا، جن ۾ تصويرون، پيغام ۽ اي ميلز شامل آهن، متاثر نه ٿيندي.
ان کانسواءِ واهپيدار پراڻي يا نئين اي ميل ايڊريس استعمال ڪندي گوگل جون مختلف سروسز جهڙوڪ جي ميل، ميپس، يوٽيوب ۽ ڊرائيو ۾ سائن اِن ٿي سگهندا.
گوگل موجب، هڪ ڀيرو نئون جي ميل ايڊريس ٺاهڻ کانپوءِ واهپيدار ايندڙ 12 مهينن تائين ٻي نئين ايڊريس نٿو ٺاهي سگهي، جڏهن ته پراڻو ايڊريس ڪنهن به وقت ٻيهر استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ڊيٽا جي حفاظت جي ضمانت باوجود، گوگل واهپيدارن کي صلاح ڏني آهي ته هو تبديلي شروع ڪرڻ کان اڳ پنهنجي معلومات جو بيڪ اپ ٺاهي وٺن، ڇاڪاڻ ته ان عمل دوران ايپس جون ڪجهه سيٽنگون ري سيٽ ٿي سگهن ٿيون.
گوگل طرفان اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن واهپيدار ڏسڻ چاهي ته اِهو فيچر سندس اڪائونٽ لاءِ فعال آهي يا ن ته هو سيٽنگز ۾ وڃي ”personal information“ واري ڪيٽيگري ۾ چيڪ ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.