نئين دهلي/ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) ”بنگلاديشي ڪرڪيٽرن کي آءِ پي ايل ۾ ڀارتي سرزمين تي کيڏڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي. پاڪستاني ۽ بنگلاديشي رانديگرن لڳائي وڃي، هي اسان جي هندو ڀائرن ۽ ڀينرن خلاف نفرت پکيڙين ٿا.“
مٿان لفظ شيو سينا جي ترجمان آنند دوبي جا آهن، جنهن بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي آءِ پي ايل ٽيم ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز طرفان هڪ بنگلاديشي رانديگر کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي اعتراض واريو آهي.
واضح رهي ته بنگلاديشي فاسٽ بالر مستفيض الرحمان آءِ پي ايل جي تازي نيلامي ۾ 9 ڪروڙ 20 لک ڀارتي رپين ۾ وڪرو ٿيو، کيس شاهه رخ خان جي ٽيم ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي.
شيو سينا کانسواءِ حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي به بنگلاديشي رانديگر کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي شاهه رخ خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، شيو سينا جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن اسان اعتراضن ۽ احتجاج باوجود به شاهه رخ خان پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو ته اهو سمجهيو ويندو ته کيس پنهنجي قوم جي جذبن جي ڪا پرواهه ناهي.“
بي جي پي اڳواڻ سنگيت سوم به شاهه رخ خان تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته ”هو اهڙي رانديگر کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري رهيو آهي، جن جو ملڪ ڀارت خلاف ڪم پيو ڪري.“
مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ”شاهه رخ خان جيڪي به آهي، ڀارت جي ڪري آهي، اهڙا غدار ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.“
ٻئي پاسي ڪانگريس سنگيت سوم طرفان شاهه رخ خان کي غدار سڏڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي.
ياد رهي ته گذريل مهيني بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن دوران هڪ هندو شخص جي قتل بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ اڳ ئي ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل لاڳاپن کي وڌيڪ بگاڙي ڪري ڇڏيو هو.
هاڻي ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي مٿان لاڳاپا خراب ڪرڻ جا الزام مڙهي رهيا آهن، هڪ ٻئي جي سفارتي عملي کي طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن ۽ عوامي سطح تي بيان ڏئي رهيا آهن.
مستفيض الرحمان ڪير آهي؟
مستفيض الرحمان بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم فاسٽ بالر آهي، هو 15 ٽيسٽ، 116 ون ڊي ۽ 126 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
هو لڳاتار انڊين پريميئر ليگ ۾ کيڏندو رهيو آهي ۽ ماضي ۾ چنائي سپر ڪنگز، دهلي ڪيپيٽلز ۽ سن رائزرس حيدرآباد جي طرفان به کيڏي چڪو آهي.
آءِ پي ايل جي نئين سيزن لاءِ ست بنگلاديشي رانديگر نيلامي لاءِ موجود هئا، پر گذريل مهيني ابوظهبي ۾ ٿيل نيلامي دوران رڳو مستفيض الرحمان کي ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪيو.
ياد رهي ته انڊين پريميئر ليگ جو نئون سيزن 26 مارچ کان شروع ٿيندو.
بنگلاديشي ڪرڪيٽر کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي شاهه رخ خان”غدار“، مستفيض ڪولڪتا لاءِ مسئلا وڌائي ڇڏيا
You might also like