سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڄمو ۽ ڪشمير ۾ فلسطين سان ايڪي جو اظهار هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار ۽ رياستي دٻاءَ جي ور چڙهي ويو آهي، جتي هڪ مقامي ڪرڪيٽر کي ميچ دوران پنهنجي هيليمٽ تي فلسطيني جهنڊو لڳائڻ سبب پوليس طلب ڪري ورتو.
ڄمون ۽ ڪشمير چيمپئنز ليگ جي هڪ ميچ دوران مقامي ٽيم ”جَي ڪَي اليون“ جي نمائندگي ڪندڙ ڪرڪيٽر فرقان ڀٽ پنهنجي هيليمٽ تي فلسطين جو جهنڊو لڳايو، جنهن تي ڀارتي اختيارين ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اهو واقعو ڄمون ٽريل بليزرز خلاف ميچ دوران پيش آيو، واقعي کان ترت پوءِ ڄمون رورل پوليس فرقان ڀٽ کي طلب ڪندي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
پوليس موجب، ليگ انتظاميا زاهد ڀٽ ۽ ميچ لاءِ گرائونڊ مهيا ڪندڙ شخص کي به پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪيو ويندو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like