خوشي مکرجي، سوريا ڪمار سان رومانوي لاڳاپن بابت وضاحت ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) تڪراري لباس سبب شهرت ماڻيندڙ بالي وڊ اداڪارا خوشي مکرجي ڀارت جي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار ياديو بابت ڏنل بيان تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
پنهنجي وصاحتي بيان ۾ خوشي مکرجي چيو آهي ته سندس سوريا ڪمار ياديو سان ڪو رومانوي لاڳاپا نه هئا، بيان کي ٽروڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.
خوشي مکرجي دعويٰ ڪئي ته سندس انسٽاگرام اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو هو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏنهن هڪ بيان ۾ خوشي مکرجي چيو هو ته ماضيءَ ۾ سوريا ڪمار يادو کيس تمام گهڻا پيغام موڪليندو هو، پر هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ ڪو به رابطو ناهي.
جڏهن رپورٽر کائنس سوال ڪيو ته ڇا هوءَ ڪنهن ڪرڪيٽر کي ڊيٽ ڪرڻ چاهيندي؟، جنهن جي هن واضح لفظن ۾ ان جي ترديد ڪئي.
خوشي مکرجي چيو ته” مان ڪنهن به ڪرڪيٽر کي ڊيٽ نٿي ڪرڻ چاهيان، ڪيترائي ڪرڪيٽر منهنجي پويان آهن، سوريا ڪمار يادو به مون کي گهڻا پيغام موڪليندو هو، پر هاڻي اسان جي وچ ۾ ڪو به رابطو ناهي ۽ مان ڪنهن کي به قسم جي لاڳاپن سان پاڻ کي ڳنڍڻ نٿي چاهيان.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.