”مان پاڪستان ڄائو مسلم ڇوڪرو ھوس، جنهن کي پاڪستان سان واسطو هئڻ سبب سست سمجهيو ويو ۽ چيو ويو ته مان ڪڏھن به آسٽريليا لاءِ نه کيڏي سگهندس…! ھاڻي مون ڏانهن ڏسو.“
اھو چوڻ ھو آسٽريليا جي پهرئين مسلمان ڪرڪيٽر عثمان خواجا جو جنهن جمعي ڏينهن سڊني ٽيسٽ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو آهي.
هن جنهن مارگلا پهاڙن جي هنج ۾ سرڪاري مشينريءَ لاءِ گهڙيل اسلام آباد نالي مصنوعي شهر۾ جنم ورتو ھو، پر هن جتي هوش سنڀاليو، اُتي حقيقت جي ويجهو رھندڙ لوڪ آزاد هوا ۾ ساهه کڻندا آھن…
پر ھن پريس ڪانفرنس دوران آسٽريليا ۾ نسلي امتياز سميت تازو ايشز سيريز دوران سندس انجريءَ تي اُٿندڙ سوالن تي به پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ چيو ته ھو اڄ به ڪجهه دقيانوسي سوچ رکندڙ عنصرن سان وڙھي رھيو آھي.
هن چيو ته ” مان سدائين پاڻ کي آسٽريلوي ٽيم وچ ۾ مختلف محسوس ڪيو، اڃا تائين محسوس ڪيان پيو، اِهو سڀ منهنجي پس منظر جي ڪري آهي.“
هن چيو ته ” ڪجهه اڳوڻا ڪرڪيٽر ۽ تجزيي نگار جيڪي بيئر جا پندرنهن گلاس پي انجريءَ جو شڪار ٿيندڙ ڪرڪيٽرن لاءِ ته لفظ به ناھن ڪڇندا پر کين منهنجي گالف کيڏڻ تي تڪليف پهچندي آھي ۽ چوندا آھن ته مون لاءِ آسٽريليا اھم نه آھي!“
39 ورهين جي عمر ۾ خواجا 4 جنوريءَ تي سڊني جي ان ميدان تي پنهنجي ڪيريئر جي آخري انٽرنيشنل ميچ کيڏندو، جتي ھن پندرنهن سال اڳ انگلينڊ خلاف آسٽريليا لاءِ پهريون ڀيرو ”بيگي گرين“ پاتي ھئي.
ھو ڊيوڊ وارنر جو ننڍپڻ جو ساٿي ھو، جنهن کي ھن جي ماءُ ”منهنجو پٽڙو ڊيوي“ ڪوٺيندي آھي، جيڪو اسڪولي ڏينهن کان وٺي عالمي ڪرڪيٽ تائين ساڻس گڏ گڏ هليو.
جيتوڻيڪ هن پهرين موقعي مان گهڻو لاڀ نه پرايو، پر پوئين ڀيري جڏهن هو ڪينگروز لاءِ موٽيو ته پاڻ ملهائي ويو.
جيڪڏهن هن سڊني ٽيسٽ ۾ 30 رنسون اسڪور ڪيون ته هو آسٽريليا طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن جي فهرست ۾ 14 هين نمبر تي اچي ويندو.
عثمان خواجا 88 ٽيسٽ ميچن ۾ 43 جي ايوريج سان 6206 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جنهن ۾ 16 سينچريون ۽ 28 ففٽيون شامل آهن، ان کانسواءِ هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ هن 42 ميچن ۾ ڪينگروز جي نمائندگي 42 ايوريج سان 1524 رنسون ٺاهيون جڏهن ته هن آسٽريليا لاءِ ٻه ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز پڻ کيڏيون.
ويجهي ماضيءَ ۾ خواجا اھڙن مسئلن تي آواز اٿاريو، جنهن تي کيس وارننگ به مليون، باقي ھو گهڻي ڀاڱي خاموش مزاج، محنتي ۽ سٺڙو ڪرڪيٽر رهيو، جنهن کي انگن اکرن کان وڌيڪ، ڪردار ذريعي ياد رکي سگهجي ٿو.
”چيو ويو پاڪستاني مسلمان ڪڏهن به آسٽريليا لاءِ نه کيڏندو“،عثمان خواجا جو عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان
تحرير: سرمد
You might also like