ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان هندي سينما جي پهرئين سپر اسٽار راجيش کنا جو بنگلو خريدڻ لاءِ کيس مفت ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 1960 جي آخر ۽ 1970 واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سپر اسٽار راجيش کنا جڏهن مالي پريشانين ۾ وڪوڙيل هو، تڏهن سلمان خان کيس مشهور بنگلو “آشرواد“ خريدڻ ۽ سندس فلم ۾ بنا معاوضي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر راجيش کنا سندس نيت تي شڪ ڪندي کيس ٺڳ قرار ڏنو ۽ چيو ته ” هي مون کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو.“
راجيش کنا پنهنجو بنگلو ستر واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ اداڪار راجندر ڪمار کان ساڍا ٽي لک ڀارتي رپين ۾ خريد ڪيو هو. اداڪار جو خيال هو ته سلمان خان بنگلو خريد ڪري کيس مالي ۽ سماجي طور هيڻو ڪرڻ چاهي ٿو.
واضح رهي ته ستر واري ڏهاڪي ۾ راجيش کنا جو ستارو ٻڌڻ لڳو ۽ سندس جاءِ زنجير، شعلي ۽ ديوار ذريعي اميتاڀ بچن والاري چڪو هئي.
راجيش کنا تي لکيل ڪتاب ”ڊارڪ اسٽار: دي لونلي نيس آف بينگ راجيش کنا“ جي ليکڪ گوتم چنتاماڻي جو چوڻ آهي ته ”سلمان خان پنهنجو ڀاءُ سهيل خان لاءِ راجيش کنا جو بنگلو خريد ڪرڻ لاءِ کيس ڪيئي پرڪشش آڇون ڪيون ۽ کيس ملندڙ ڳري انڪم ٽيڪس نوٽيس جون رهتون ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ سان گڏ اداڪار جي ڪنهن به فلم ۾ بنا معاوضي ڪم ڪرڻ جي آڇ پڻ ڪئي.“
پر راجيش کنا پنهنجو بنگلو نه وڪڻيو ۽ ان ئي گهر ۾ اڪيلو گهاريندي ديهانت ڪري ويو، سندس لاڏاڻي کانپوءِ بنگلو کَپي ويو ۽ اڄ اتي گهڻ ماڙ عمارت ٺهي چڪي آهي.
You might also like