اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)تجزئي نگار ۽ سينئر صحافي سهيل وڙائچ چيو آهي ته سهيل آفريدي جو مزاحمت وڌائڻ جو منصوبو آهي،پر اهو رستو خطري وارو آهي،گهڻيون مشڪلات پيدا ٿي سگهن ٿيون،عمران خان لاءِ ته اڳ ۾ ئي مشڪلات جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو آهي،هن چيو ته روڊن تي نڪرڻ سان پي ٽي آءِ ۽ خاص طور تي ڪي پي جي وڏي وزير لاءِ مشڪلات جنم وٺي سگهن ٿيون،آفريدي چاهي ٿو ته عمران خان لاءِ قربان ٿي وڃي هن چيوته مون کي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت پاران ڪا نرمي نظر نه پئي اچي،پي ٽي آءِ کي مزاحمت لاءِ ان حد تائين نه وڃڻ گھرجي،کين اسيمبلي اندر ڳالهيون ڪري ڪو رستو ڪڍڻ گهرجي،حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي به سمجهڻ گهرجي ته ڳالهين لاءِ رستو ڏيڻو پوندو،هن وقت ڪو رستو نظر نه پيو اچي، هن چيو ته ايوب خان خلاف جڏهن تحريڪ هلي هئي ته ان وقت به اپوزيشن ورهايل هئي،شهيد ڀٽو تڏهن اپوزيشن جي ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيو پر پوءِ بعد ۾ اپوزيشن سان گڏجي ويو،بعد ۾ ايوب خان کان اليڪشن لاءِ مڃرايو ويو،هن چيو ته ضيا جي مارشل لا ۾ ڀٽو صاحب جي ڦاهي کانپوءِ پي اين اي ۾ شامل ٻه وڏيون پارٽيون جي يو آءِ ۽ نوابزاده نصرالله خان جون پارٽيون ايم آر ڊي ۾ شامل ٿي ويون،پوءِ ميثاق جمهوريت ته هڪ تمام وڏو مثال آهي جنهن ۾ هڪ ٻئي جون ٻه وڏيون پارٽيون پ پ ۽ ن ليگ گڏجي ويون،تازو بينظير ڀٽو جي ورسي تي هڪ وڏو سياسي واقعو ٿيو جنهن کي ميڊيا ايتري ڪوريج نه ڏني،قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق،راڻا ثناءُ الله ۽ طارق فضل چوڌري نئون ديرو پهتا،ان ملاقات تي نه پ پ نه ئي ن ليگ ايترو ڳالهائي ٿي پر ان ۾ ٻنهي پارٽين دوستي کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ٻئي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي سوچ مطابق پي ٽي آءِ کي اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار ناهن،ان ڳالهه جي بنياد تي ئي ٻنهي پارٽين جو اسٽيبلشمينٽ سان اتحاد قائم آهي،هن چيو ته اهو به چيو پيو وڃي ته ايندڙ ڏينهن ۾ اسٽيبلشمينٽ،پ پ ۽ ن ليگ جي اتحاد مان پ پ کي ڪيرايو ويندو يا ٿي سگهي ٿو ن ليگ ۽ پ پ ٻنهي کي ئي ڪيرايو وڃي،اياز صادق نئين ديري ۾ چيو هو ته ٻئي پارٽيون ڊگهي اننگ کيڏڻ چاهين ٿيون ٻئي پاسي پي ٽي آءِ نه جي يو آءِ سان گڏ راضي ٿي نه ايم ڪيو ايم نه ئي پ پ سان ڪو دوستي جو هٿ وڌايو آهي،چئن سالن ۾ پي ٽي آءِ پنهنجو ڪو هڪ به اتحادي نه بڻائي سگهي آهي،پي ٽي آءِ کي اجايو وهم آهن،عمران خان اڃا تائين محمود اچڪزئي کي ڳالهين لاءِ فري مينڊيٽ به نه ڏنو آهي نه ئي سياستدانن ۽ ميڊيا سان زيادتين جو اعتراف ڪيو نه ئي 2018ع ۾ اسٽيبلشمينٽ سان اتحاد ڪري جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جو ڪو اعتراف ڪيو