سهيل آفريدي پاران ڪراچي سميت سنڌ جي دوري جو اعلان

پشاور( م ڊ)خيبرپختونخوا جي وڏي وزير 9 جنوري تي ڪراچي سميت سنڌ جي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سهيل آفريدي  ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جو ٽي ڏينهن وارو دورو ڪيو هو، ۽ هاڻي هن ڪراچي ۽ سنڌ جي دوري جو اعلان ڪيو آهي۔پنهنجي بيان ۾ سهيل آفريدي چيو آهي ته هو باني چيئرمين عمران خان جو پيغام کڻي اچي رهيو آهي، سنڌ واسي تيار رهن۔9جنوري، جمعو!!! سڀني پارٽي جي دوستن سان جمعي جي ڏينهن ملاقات ٿيندي، سڀني دوستن سان 9 جنوري، جمعي جي ڏينهن ملاقات ڪئي ويندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.