پيپلز پارٽي 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ڪنهن به صورت ۾ رول بيڪ ٿيڻ نه ڏيندي:نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر)پيپلز پارٽي سنڌ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 5 جنوري تي 98هين سالگرهه سنڌ جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي 18هين ترميم ۽ اين ايف  سي ۾ صوبن جي حصي کي ڪنهن به صورت ۾ رول بيڪ ٿيڻ نه ڏيندي. وفاقي حڪومت کي آڇ ڪيون ٿا ته جيڪڏهن سنڌ کي خدمتن ۽ شين تي سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي ته سنڌ صوبو وفاق کي ايف بي آر کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري ڏئي سگهي ٿو. اھڙن خيالن جو اظهار پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو خميس ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 5 جنوري تي 98هين سالگرهه جون تقريبون سنڌ جي هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ڪيون وينديون جنهن لاءِ پيپلز پارٽي جون ضلعي تنظيمون پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ شهيد ڀٽو جي سالگرهه جون تقريبون ڪنديون.ھن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98 هين سالگرهه جي تقريبن ۾ ڪيڪ ڪاٽيا ويندا ۽ ڀٽو شهيد کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا نه پيا ٺھن ۽ نه ئي سنڌ ۾ ڪڏهن نئون صوبو ٺھندو جڏهن ته سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون رڳو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۽ شوشا آهن. هن  چيو ته ايف بي آر جي ناڪامي جي سزا صوبن کي اين ايف سي ۾ سندن حصي مان ڪٽوتي ڪري نٿي ڏئي سگهجي. آئين تحت اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو وڌائي سگهجي ٿو پر گهٽائي نٿو سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.