18 سالن کان گهٽ عمر جي نڪاح تي پابندي قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي: حافظ حمدالله

هنگو (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي نڪاح تي پابندي قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي.
هنگو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي حافظ حمدالله چيو ته 27هين آئيني ترميم سان 73ع جو آئين دفن ٿي ويو آهي.
هن چيو ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي نڪاح تي پابندي قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي، ديني مدرسن ۽ وياج جي نظام جي خاتمي جي قانون تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو.
سندس چوڻ هو ته گهريلو تشدد جي خلاف جيڪو قانون پاس ٿيو، اهو به قرآن ۽ سنت جي خلاف آهي.
حافظ حمدالله وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري کان وڏي ناڪامي ٻي ڪهڙي هوندي، پاڪستان به 80 ارب ڊالرن جو قرضي آهي، ڇا ان کي به پرائيويٽ ڪندئو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.