ميلبورن (ويب ڊيسڪ) بگ بيش ليگ جي ميچ ۾ بابر اعظم سڊني سڪسرز طرفان ففٽي اسڪور ڪندي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي.
ميلبورن ۾ کيڏيل ميچ ۾ سڊني سڪسرز ميلبورن ريني گيڊز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني.
سڊني سڪسرز طرفان بابر اعظم 46 بالن تي 58 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 4 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو.
ان اننگز کانپوءِ بابر اعظم 2026 ۾ بگ بيش ليگ ۾ ففٽي اسڪور ڪندڙ پهريون بيٽر بڻجي ويو، جڏهن ته اها بابر اعظم جي هلندڙ بي بي ايل ۾ مجموعي طور ٻي ففٽي آهي.
You might also like