آسٽريليا به ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏن نالن جي واپسي

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ شروعاتي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پيٽ ڪمنز، ڪيمرون گرين ۽ ڪوپر ڪنولي جي واپسي ٿي آهي.
چيف سليڪٽر جارج بيلي چيو ته اهي ٽئي رانديگر تازو ڀارت خلاف سيريز لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل نه هئا.
هن چيو ته پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ ۽ ٽم ڊيوڊ ريڪوري ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ اميد ته ورلڊ ڪپ لاءِ ٽئي دستياب هوندا.
سندس چوڻ هو ته اسان شروعاتي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، پيريڊ دوران ضرورت پوڻ تي تبديلي ڪنداسين، جڏهن ته پاڪستان خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ اسڪواڊ جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو.
آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ ڪپتان مچل مارش، زاويئر بارٽليٽ، ڪوپر ڪنولي، نيٿن ايلس، پيٽ ڪمنز، ٽم ڊيوڊ، ڪيمرون گرين، جوش هيزل ووڊ، ٽريوس هيڊ، جوش انگلس، ميٿيو ڪوهنيمن، گلين ميڪسويل، ميٿيو شارٽ، مارڪس اسٽوئنس ۽ ايڊم زمپا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.