راولپنڊي/ڪوئيٽا (م ڊ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ آهي ته ڀارتي اسپانسرڊ پراڪسيز طرفان بلوچستان ۾ تشدد جي پروپيگنڊا جاري آهي، پاڪستان جي علائقائي سلامتي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي تي سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير سان بلوچستان بابت 18هين قومي ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيلن ملاقات ڪئي. شريڪ ٿيلن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته ڀارتي اسپانسرڊ پراڪسيز بلوچستان ۾ ترقي ۾ خلل وجهي رهيو آهن، پاڪستان جي علائقائي سلامتي جي ڪنهن به سڌي يا اڻ سڌي ريت ڀڃڪڙي جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج پنهنجي شهرين جي جانين جو تحفظ فراهم ڪرڻ جو عزم رکي ٿي، ڀارتي پراڪسيز جا اهڙا ڪڌا ارادا سڪيورٽي فورسز سخت ڪارروائين سان ناڪام بڻائينديون. هن چيو ته سڪيورٽي فورسز صوبي کي دهشتگردي ۽ بي چيني کان ڇوٽڪارو ڏيارينديون. فيلڊ مارشل بلوچستان جي ترقي ۽ پاڪستان لاءِ ان جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏنو. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته صوبي جي عوام جو حصلو ۽ حب الوطني واکاڻ جوڳي آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوامي مرڪزيت سان ترقياتي منصوبا ڪري رهيون آهن، سول سوسائٽي جو ڪردار پروپيگنڊا کي وائکو ڪرڻ ۾ اهم آهي. سندس چوڻ هو ته ذاتي سياسي ايجنڊن کي رد ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن بلوچستان جو مستقبل ڊگهي مدي لاءِ خوشحالي تي ٻڌل هجي. عاصم منير وڌيڪ چيو ته ڀارتي حمايت رکندڙ عنصر بدامني پکيڙي رهيا آهن، پاڪستان جي علائقائي سلامتي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي تي سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏو ويندو. پاڪستان آرمي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي. سيشن جي پڄاڻي تي فيلڊ مارشل سوالن جا جواب به ڏنا.