لاڙڪاڻو (عوامي آواز رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ويندي يس اهلڪار اصغر شر کي ھٿياربند گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ پوليس عملدارن ٻڌايو ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان پوليس اهلڪار اصغر شر زخمي ٿي پيو جنهن کي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو جتي هوزخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، واقعي جي ڪارڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس اهلڪار ون فائيو مددگار بيس ون تي ڊيوٽي ڪندو هو، پوليس اهلڪار جي شهادت بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو..